Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

۾ خود بخود نکار پيدا ٿيندو ويندو آهي، هو گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ لڳندو آهي، عملن جي باري ۾ غوروفڪر جي اَهمِّيت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته قرآن ۽ حديث ۾ باقاعده ان جي ترغيب ڏياري وئي آهي، جيئن ته سيپاري 28 سُوۡرَۃُ الۡحَشۡر جي آيت نمبر 18 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ لْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍۚ    

ترجمو ڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته هر ساھ سوچي ته سڀاڻي جي واسطي اڳتي هن ڇا موڪليو.

 هن آيت سڳوري ۾ فرمايو ويو آهي ته: پنهنجو محاسبو ڪري وٺو ان کان پهريان جو توهان جو محاسبو ڪيو وڃي ۽ غور ڪريو ته توهان قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ نيڪ عملن جو ڪيترو ذخيرو جمع ڪيو آهي. (تفسیر ابنِ کثیر،پ ۲۸،الحشر،تحت الآیۃ: ۱۸، ۸ / ۱۰۶) تفسير صِراطُ الجِنان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته هڪ گھڙي غورو فڪر ڪرڻ تمام گھڻي ذڪر ڪرڻ کان بهتر آهي۔ پنهنجي عملن جي باري ۾ سوچڻ نهايت افضل عمل آهي ۽ اهو ئي مُراقبو آهي۔  (صراط الجنان، ۱۰/۸۹ ملتقطاً)

احاديثِ مبارڪه ۾ نبيِ مُڪَرَّم، نُورِمُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن به ڪيئي ڀيرا عملن جو محاسبو ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي، اچو ته انهيءَ بابت فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿا:

اِحتِساب (غوروفڪر) بابت فرامينِ مُصطَفٰي

1۔ فرمايائون: جڏهن توهان ڪنهن ڪم کي ڪرڻ چاهيو ته ان جي انجام جي باري ۾ غور ڪري وٺو، جيڪڏهن اهو چڱو آهي ته ان کي ڪري وٺو ۽ جيڪڏهن ان جو نتيجو غلط آهي ته ان کان باز رهو۔

                           (کنزالعمال،کتاب الاخلاق،حرف التاء،التودۃ والتانی والتبیین،الجزء۳ ،۲/۴۴،حدیث:۵۶۷۳)