Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

جو هر ڏينهن سمهڻ کان پهريان سڄي ڏينهن جي عملن تي غوروفڪر ڪرڻ جي توفيق به نصيب ٿي وڃي۔

هن حڪايت مان هڪ ڳالھ اها به معلوم ٿي ته جيڪو پنهنجي عملن تي غوروفڪر ڪندي هن دنيا مان ويندو آهي، الله پاڪ ٻانهن ۾ اهو اعلان (Announcement) ڪرائيندو آهي ته هو جنت ۾ هليو ويو۔ لهٰذا اسان کي به نفس جي محاسبي يعني فڪرِ مدينه کي پنهنجو معمول بنائڻ گھرجي ۔

 نفس جي مُحاسَبي جي اهميت

ياد رکو! جهڙي طرح ڪاروبار سان تعلق رکڻ وارو ڪوبه شخص انهيءَ وقت ڪامياب تاجر بڻجي سگھجي ٿو جڏهن اهو پنهنجي خرچ ڪيل مال کان وڌيڪ نفعو ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ ان جو اصل سرمايو به محفوظ رهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهو پنهنجي ڪاروبار (Business) جي حساب ڪتاب کي روزانه، هفتيوار، ماهانا ۽ سالانه جي بنياد تي تقسيم ڪندو آهي، پوءِ ان تي مختلف طرفن کان نه صرف زباني غور و فڪر ڪندو آهي بلڪه ان کي تحريري طور محفوظ رکڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي ۽ جتي ڪنهن قسم جي خامي نظر اچي وڃي ان کي دُرُست به ڪندو آهي ۽ جيڪا شيءِ نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي نظر ايندي آهي ان کي پري ڪندو آهي. جيڪڏهن اهو پنهنجي ڪاروباري معاملن جو محاسبو نه ڪري ته اڪثر ڪري ان کي نفعو ملڻ ته پَري، ابتو نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان نقصان کان پوءِ به اهو غفلت نه ڇڏي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو آهي جو ان جو اصل سرمايو به باقي نه رهندو آهي ۽ اهو روپئي روپئي جو محتاج ٿي ويندو آهي. بلڪل اهڙي طرح جيڪو شخص ”ڪاروبارِ آخرت“ ۾ نفعو ڪمائڻ جو خواهشمند هجي ان کي گھرجي ته پنهنجي ڪيل عملن تي غور ڪري. جيڪي عمل ان کي نفعو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، انهن کي مزيد بهتر ڪري ۽ جيڪي ڪم ان نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي