Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

عقل مند جي لاءِ هڪ گھڙي اهڙي هئڻ گھرجي جنهن ۾ اهو پنهنجي نفس جو محاسبو ڪري۔    (شعب الایمان، باب فی تعدید نعم ﷲ …الخ ، ۴/۱۶۴، حدیث: ۴۶۷۷)

3۔ (اُمورِ آخرت ۾) گھڙي کن جي لاءِ غور ۽ فڪر ڪرڻ سٺ (60) سال جي عبادت کان بهتر آهي۔  (کنز العمال،کتاب الاخلاق،التفکر، الجز۳، ۲/۴۸،حدیث:۵۷۰۷)

 نفس جي مُحاسَبي جا فائدا

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ مبارڪه، ان جي تفسير ۽ فرامينِ مصطفيٰ مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي دِين ۾ پنهنجو محاسبو ڪرڻ جي زبردست ترغيب ڏياري وئي آهي، ڇوته ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري انسان گناهن کان بچڻ لڳندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري نيڪيون ڪرڻ آسان ٿي وينديون آهن۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري حُقوقُ الله ۽ حقوقُ العباد جي پاسداري جو ذهن بڻجندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري دل ۾ خوفِ خدا بيدار ٿيندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري انسان جي ظاهر ۽ باطن ۾ نکار پيدا ٿيندو آهي، ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري موت کان پهريان موت جي تياري جو ذهن بڻجندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو ذهن بڻجندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري چڱيون عادتون بڻجنديون آهن، ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري بُرين خصلتن کان ڇوٽڪاري جو ذهن بڻجندو آهي، ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري دنيا ۾ به آٓسانيون ٿي وينديون آهن ۽ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري آخرت به موچاري ٿي ويندي آهي۔

اهو ئي سبب آهي جو اسان جو دِين نفس جي مُحاسَبي جي گھڻي تلقين ڪري ٿو، اچو! هاڻي اسان نفس جو مُحاسَبو ڇا کي چئبو آهي اهو ٻڌون ٿا ته جيئن اسان وڌيڪ سٺي انداز ۾ پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون، جيئن