Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

مُحاسَبو ڇا آهي ؟

حُجَّةُ الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مشهور ڪتاب ”اِحياء العلوم“ ۾ لکن ٿا: عملن جي ڪثرت ۽ مقدار ۾ گھڻائي ۽ نُقصان جي سڃاڻپ جي لاءِ جيڪو غور ڪيو ويندو آهي ان کي مُحاسَبو چوندا آهن، جيڪڏهن ٻانهو پنهنجي سڄي ڏينهن جي عملن کي سامهون رکي ته جيئن ان کي ڪمي بيشي جي خبر پوي، اهو ئي مُحاسَبو آهي۔ (احياء العلوم،۵/۳۱۹)

غور ۽  فڪر ڇا کي چئبو آهي ؟

     اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميراهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن پُرفتن دور ۾ اسان کي پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ جو ذهن ڏنو آهي، انسان کي گھرجي ته اُخرَوي اِعتبار سان پنهنجي معمولاتِ زندگي تي غور ۽ فِڪر ڪري، پوءِ جيڪي ڪم اُن جي آخرت جي لاءِ نُقصان وارا ثابت ٿي سگھن ٿا، اُنهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪي ڪم اُخرَوي اِعتبار سان نَفعي بَخش نظر اچن انهن ۾ بهتري جي لاءِ اِقدامات ڪري۔ اِستِقامت سان پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جون خُوب خُوب برڪتون حاصل ٿينديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو بُزرگانِ دِين نهايت اِستِقامت سان پنهنجي عملن جو مُحاسَبو ڪندا هئا ۽ ان کان ڪنهن صُورت به غفلت اِختيار نه ڪندا هئا، اچو! هن باري ۾ بزرگانِ دِين جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:

اي عمر! الله کان ڊڄندو رهه!

      حضرت اَنَس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان هڪ باغ ۾ ويس ته اتي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو آواز ٻُڌو، اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ دِيوار رڪاوٽ هئي ۽ هو چئي رهيا هئا: عمر، خَطَّاب جو پٽ ۽ امير المومنين جو منصب! واه ڇا خوب! اي عمر! الله پاڪ کان ڊڄندو رھ نه ته الله پاڪ توکي سخت عذاب ڏيندو۔   (تاريخ الخلفاء، عمر بن الخطاب رضي الله عنه، فصل في نبذ من سيرته، ص۱۰۲)