Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

رهيا هجن، انهن کي ڇڏي ڏي. جيڪو شخص اهڙي طرح پنهنجو حساب ڪتاب جاري رکندو، اهو الله پاڪ جي توفيق سان ڪاميابي ماڻيندو ۽ نفغي جي صورت ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان کي جنت ۾ داخل ٿيڻ نصيب ٿيندو ۽ جيڪڏهن ايئن ڪرڻ جي بجاءِ ”خوابِ غفلت“ جو شڪار ٿي وڃي ته اهو خساري ۾ رهندو، جنهن جو نتيجو جهنم ۾ داخل ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون اچي سگھي ٿو. (وَالْعِیاذُبِاللہ)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اميرِ اهلسنّت حضرت علّامه مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن آسان ۽ بهترين انداز ۾ غورو فڪر ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي جيڪا رهنمائي فرمائي آهي، اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پاڻ هن پُرفتن دور ۾ آساني سان نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقي ڪار تي مشتمل شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو ”مدني انعامات“ بصورت سوالات عطا فرمايو آهي. اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، طالبِ علمِ دين جي لاءِ 92، طالبات جي لاءِ 83، مدني منن ۽ مدني منين جي لاءِ 40 ۽ خُصوصي (يعني گونگن ۽ ٻوڙن) اسلامي ڀائرن جي لاءِ 27 مدني انعامات عطا فرمايا آهن۔اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه مدني انعامات تي عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ ولايت جي دُعا ڪندي الله پاڪ جي بارگاھ عالي ۾ دُعا ڪن ٿا۔

تُو ولی اپنا بنالے اس کو ربّ لم یَزل

’’مدنی انعامات‘‘ پرکرتا ہے جو کوئی عمل

مدني انعامات جي اهميت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ”مَدَني انعامات“ جو عظيم تحفو نه صرف اَسلاف رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي ياد ڏياري ٿو بلڪ اُنهن جي نقشِ قدم تي هلندي فِڪرِ مدينه ڪرڻ جو بهترين ذريعو پڻ آهي، انهن مدني انعامات تي عمل ڪري اسان پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش جو عظيم جذبو حاصل ڪري سگھون ٿا، مَدَني اِنعامات جي رسالي کي کولي هن ۾ ڏنل