Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

سُوالن جي جوابن مان خود ئي ”ها“ يا ”نه“ جي ذريعي پنهنجي عملن جي چڱي بُري هئڻ جو جائزو وٺندي پنهنجي غلَطين کي سُڌاري سگھون ٿا۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بيشُمار اسلامي ڀائر، اسلامي ڀينرون ۽ شاگرد ۽ شاگردياڻيون روزانو ”فڪرِ مدينه“ ڪندي مَدَني اِنعامات جي رسالي ۾ ڏنل خانا ڀريندا آهن، جنهن جي برڪت سان نيڪ بڻجڻ ۽ گُناهن کان بچڻ جي راھ ۾ حائل رُڪاوٽون الله پاڪ جي فَضل وڪرَم سان پري ٿينديون وينديون آهن ۽ سُنّت جو پابند بڻجڻ، گُناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حِفاظت جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ذهن به بڻجندو آهي۔ جيڪڏهن اوهان اهو رسالو خريد ڪري پاڻ وٽ رکندؤ هر هر ڏسندا رهندؤ، فڪرِ مدينه ڪندا رهندؤ ته نه صرف آخرت جي ياد پيدا ٿيندي بلڪ نيڪ عمل ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو به ذهن بڻجندو۔ مدني انعامات جو اهو رسالو پاڻ کي نصيحت ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي۔ اسان جا بزرگ سڳورا پڻ پاڻ کي نصيحت جي لاءِ مختلف ترڪيبون استعمال ڪندا هئا،

پنهنجو احتساب ڪرڻ وارو بزرگ

          جيئن ته حضرتِ سيدُنا ابو مسلم خولاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ منقول آهي ته انهن پنهنجي مسجد ۾ هڪ چهبڪ لٽڪائي رکيو هو ۽ فرمائيندا ها: ”جانورن کان وڌيڪ مان ان جو حقدار آهيان۔“ جڏهن ڪجھ سُستي محسوس ڪندا ها ته پنهنجي ڀيڏي تي چهبڪ هڪ يا ٻه ڀيرا هڻندا ها  ۔    (الله والوں ڪي باتيں، ص۲/۲۰۳)  

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! حضرت سَيدُنا ابو مسلم خولاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪثرت سان عبادت ڪندا ها، پر پوءِ به انهن سُستي کان بچڻ جي لاءِ مسجد ۾ چهبڪ يعني دُرو لٽڪائي رکيو هو۔ مدني انعامات جو رسالو جيڪڏهن اسان وٽ هوندو ته ان جي مطابق غور وفڪر ڪري اسان جي به سُستين جي ڪاٽ ٿيندي ۽ نيڪ عملن جي رغبت ٿيندي۔ يقين مڃو! مدني انعامات جا رسالا پنهنجي اصلاح جا بهترين نسخا آهن ۽ ”مَدَني اِنعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ جو پنهنجي ذِمَّه