Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

مدني انعامات جون برڪتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مدني انعامات جي ڪري ڪيترن ئي اسلامي ڀائرن کي برڪتون حاصل ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن، جيئن

صوبي پنجاب جي شهر فيصل آباد جي آسپاس رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جو تحريري بيان آهي ته گُذريل 12 سالن کان هڪ ڀيري به مَدَني اِنْعَامَات جو رِسَالو جَمْع ڪرائڻ ۾ ناغو نه ٿيو، بلڪ ڏيڍ سال ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه گذريو جو ان فڪر ِمدينه نه ڪئي هجي، بلڪ مَدَني اِنعَامَات تي عَمَل جي بَرَڪت سان نه صِرف انهن کي سُورۂ مُلْڪ زباني ياد ٿي چڪي آهي، بلڪ الله پاڪ جي فَضْل و ڪرَم سان انهن کي ڪيئي ڀيرا خواب ۾ شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيـرِ اَھْلِسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ديدار جي سَعَادَت به ملي چڪي آهي ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن وَقت هو اسلامي ڀاءُ ڊويزن ذِمَّه دار جي حَيثِـيت سان مَدَني ڪمن جون ڌومون مچائڻ ۾ مَصرُوف آهي۔

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر                 بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تاجدارِ مدني انعامات حاجي زم زم رضا جو ڏهاڙو ۽ دِيني خدمتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مدني انعامات تي عمل جي ترغيبات ٻڌي رهيا آهيون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي جيڪو مهينو (Month) هلي رهيو آهي يعني ذُوالقَعدةِ الحَرام ان کي محبوبِ عطار، تاجدارِ مدني انعامات، حاجي زم زم رضا عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان به نسبت آهي۔ هن مهيني جي 21 تاريخ تي تاجدارِ مدني انعامات حاجي زم زم عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ڏهاڙو آهي۔

مدني انعامات جي فروغ، ان تي عمل جي ترغيب ۾ حاجي زم زم عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون وڏيون خدمتون آهن۔ ڪيئي مدني انعامات اهڙا آهن، جيڪي