Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! غور ڪريو! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ الله جي پياري حبيب، ڏکويل دلين جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا صحابي آهن، ۽ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جي پاڇي کان شيطان ڀڄندو هو۔ (بخاري، ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب مناقب عمر بن الخطاب،۲/۵۲۶،حديث: ۳۶۸۳) جي ها! هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جو جن کي حضورنبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مُبارڪ زبان سان جنتي هئڻ جي خوشخبري ((Good News ڏني آهي۔ (بُخاري،۲/۵۲۵، حديث۳۶۷۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن جن جي باري ۾ الله جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اها دعا فرمائي آهي ته اي الله ڪريم! عُمر بن خطاب جي ذَرِيعي اِسلام کي عزّت عَطا فرماءِ ! (ابن ماجه، ڪتاب السنۃ، فضل عمر ، ۱/۷۷،حديث : ۱۰۵) ٭ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جي راءِ جي مطابق قرآنِ ڪريم جون آيتون نازل ٿيون۔    (تاريخ الخلفاء، ص۹۶، الصواعق المحرقۃ، ص۹۹)

ڪردارِ فاروقي تي عمل ڪريو!

   ايتري بلند وبالا شان ۽ شوڪت جي باوجود اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندي پاڻ کي نصيحتون ڪندا ها ته اي عمر الله کان ڊڄندو رھ۔ اي عمر الله کان ڊڄندو رھ۔ جڏهن انهن جي محاسبهءِ نفس جو اهو حال آهي ته اسان جيڪي گناهن ۾ غرق آهيون، اسان ڏينهن رات غفلتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان جن وٽ نيڪيون نالي نه آهن، اسان کي پنهنجي نفس جو محاسبو ڪرڻ جي ڪيتري ضرورت هوندي؟۔ اچو! الله پاڪ جي هڪ نيڪ ٻانهي جو واقعو ٻڌون ٿا ته هو پنهنجو محاسبو ڪهڙي نموني ڪندو هو۔

ڏينهن ۽ گناهن جو حساب

      حضرت سَيدُنا تَوبَه بِن صِمَّه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندي هڪ ڏينهن حساب لڳايو ته سندن عمر 60 سال هئي، ڏينهن جو حساب ڪيائون ته ايڪيھ هزار پنج سو (21500) ڏينهن بڻيا۔ انهن هڪ رڙ ڪري فرمايائون: هاءِ