Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

وٺي ويندڙ ڪم آهي، ڇوته اهو حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان بُغض آهي۔ تمام صحابَه ڪرام اعليٰ و ادنيٰ (۽ انهن ۾ ادنيٰ ڪوبه ناهي) سڀئي جنّتي آهن۔

 (بهارِ شريعت، ۱/۲۵۲و۲۵۴)

اَہلِ سُنَّت کا ہے بیڑا پار اَصْحاب ِ حُضُور

نَجْم ہیں اور ناؤ ہے عِتْرت رَسُولُاللہ کی

(حدائقِ بخشش، ص۱۵۳)

   مختصر وضاحت: يعني صحابَهءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ستارن جيان آهن جڏهن ته اهلِ بيتِ مصطفيٰ ڪشتي جيان آهن۔ اهلِ سُنَّت انهن ٻنهن جو سهارو ورتو آهي، تنهنڪري انهن جو ٻيڙو پار ٿيندو۔

هر صحابي نبي *****جنّتي جنّتي       هر صحابي نبي *****جنّتي جنّتي

چار يارِ نبي *****جنتي جنتي                     ابوبڪر و عمر بهي *****جنّتي جنّتي

عثمانِ غني ***** جنّتي جنّتي           فاطمه ۽ علي ***** جنّتي جنّتي

حسن به حسين به ***** جنّتي جنّتي            هر صحابي نبي ***** جنّتي جنّتي

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   اي عاشقانِ صحابه ۽ اهل بيت! اسان امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذهانت بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ اچو! ڪجھ سندن جي سيرت ۽ ڪردار بابت ٻڌون ٿا:

امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف:

حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مبارڪ نالو نُعمان آهي، حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والد سڳوري  جو نالو ثابِت آهي ۽ سندن ڪُنيت ابُو حنيفه (۽ لَقب امامِ اَعظم آهي)۔

اَمِيرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي پنهنجي رسالي "لڙڪن جي برسات" ۾ لکن ٿا: حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه 70 هجري ۾ عراق جي مشهور شهر