Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

ٿو ملائڪ ان کي) حوضِ ڪوثر جو پاڻي پيئاريندا، ان جي پيئڻ کان پوءِ اڃ ان وٽ ڪڏهن نه ايندي۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو) پُلِ صراط تان آساني سان گذري ويندو، ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو ملائڪ ان کي) خدا جي ديدار سان مشرف ڪندا ۽ اها نعمت سڀني نعمتن کان افضل ۽ سڀني ڪرامتن کان اڪمل آهي۔ (الڪلام الاوضح، ص ۳۲۷۔۳۲۸ملتقطاً)

عبادت میں گزرے مری زندگانی

کرم ہو کرم! یاخدا! یاالٰہی!

مُسَلماں ہے عطارؔ تیری عطا سے

ہو ایمان پر خاتِمہ یاالٰہی!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به ڪثرت سان عبادتِ الٰهي کي پنهنجو معمول بنائڻ گھرجي۔ هن ۾ شڪ ناهي ته غفلت ڀري ماحول ۾ رهي ڪري انسان به غفلت جو شڪار ٿي ويندو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن اهڙو ماحول ملي وڃي جنهن ۾ خوب خوب عبادت ڪرڻ جو ذهن ڏنو وڃي ته عبادت ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول نه صرف گناهن جي نفرت دل ۾ بيدار ڪندو آهي بلڪ گھڻي عبادت تي به اُڀاريندو آهي، ذيلي حلقي جا 12 مدني ڪم به عبادتن ۾ شامل آهن۔ لهٰذا اسان کي به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺندو رهڻ گھرجي۔

مجلسِ وُڪلاء جو تعارف

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 107 کان وڌيڪ شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو مدني پَيغام عام ڪري رهي آهي۔ انهن شعبن ۾ ’’وَڪالت‘‘(Advocacy) سان وابسته ماڻهن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ”مَجلِسِ وڪلا“ به قائم آهي۔ جنهن جي ذَرِيعي وڪالت سان