Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

اهڙي طرح گناهن جي ڪثرت ۽ غفلت ۾ زندگي گذارڻ جي ڪري عبادت ۾ به دل ناهي لڳندي، پر جهڙي طرح آهستي آهستي وات جو ذائقو ٺيڪ ٿيندو ويندو آهي، اهڙي طرح باتڪلف ڪئي ويندڙ عبادت به آهستي آهستي انسان جي ظاهر و باطن جي قرار جو سبب بڻجندي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪ وقت ايندو آهي جو عبادت جي بغير انسان جي دل ناهي لڳندي۔ الله پاڪ اسان کي به اهڙو عبادت جو ذوق نصيب فرمائي۔

عبادتِ الٰهي جا فائدا 

      اعليٰ حضرت جي والد، مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عبادت ڪرڻ جا ڪيئي دنياوي ۽ اُخروي فائدا بيان ڪيا آهن، اچو! عبادت جو شوق وڌائڻ جي لاءِ انهن مان ڪجهه ٻڌون ٿا: ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو الله پاڪ) ان سان محبت ڪندو آهي۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو الله پاڪ) ان جا سڀئي ڪم درست ڪندو آهي۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو الله پاڪ) ان جي رِزق جو ضامن ٿيندو آهي۔ (يعني۔ ان جي رِزق جو ذِمّو الله پاڪ تي هوندو آهي) ٭(جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو الله پاڪ) ان جي مدد ڪندو آهي ۽ دشمنن جي شر ۽ فساد کان محفوظ رکندو آهي۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو الله پاڪ) مخلوق جي دل ۾ ان جي محبت پيدا ڪندو آهي ڇوته ننڍا وڏا امير غريب چڱا بُرا ايستائين جو آسمان ۽ زمين جا پکي پکڻ، ان سان محبت رکندا آهن۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو) برڪتِ عام ان کي عنايت ٿيندي آهي، ايستائين جو ماڻهو ان جي ڪپڙن ۽ گھر کان تبرڪ (حاصل) ڪندا آهن ۽ فائدو کڻندا آهن۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو) موت جي سختي کان محفوظ رهندو آهي۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو) پروردگارِ عالَم ان کي ان وقت ايمان ۽ معرفت تي ثابت رکندو آهي ۽ شيطان جي وسوسي ۽ اغوا (ڌوڪي) کان بچائيندو آهي۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري ٿو ملائڪ) ان کي قبر جي فتني کان امن ۾ رکندا آهن ۽ نڪيرين جي سوال جو جواب سيکاريندا آهن، ان جي قبر کي روشن ۽ ڪشادي ڪندا آهن ۽ ان جي قبر ۾ بهشت (جنّت) جي طرف جي دري کوليندا آهن۔ ٭ (جيڪو شخص عبادت ڪري