Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

هاڻي سوچيو! ٭ ٻڌايو ڪير شخص هوندو جيڪو ڌوڪو کائڻ پسند ڪندو؟ ٭ ٻڌايو ڪير عقل مند هوندو، جيڪو بيوقوف بڻجڻ پسند ڪندو؟ ٭ ٻڌايو ڪير شخص هوندو جيڪو اهو پسند ڪندو ته ڪوڙ ڳالهائي ان کي مال ڏنو وڃي۔ ٭ ٻڌايو ڪير شخص هوندو جنهن جي اها خواهش هوندي ته ان کان رشوت ورتي وڃي؟ ٭ ٻڌايو ڪير اهو چاهيندو ته ان جي سادگي جو فائدو کڻي کيسو خالي ڪيو وڃي؟ يقيناً ڪوبه شخص پنهنجي لاءِ اهي ڳالهيون پسند ناهي ڪندو، ته پوءِ پنهنجي مُسلمان ڀائرن جي لاءِ ائين ڇو سوچيو ويندو آهي؟

الله پاڪ اسان کي شَرعي اُصُولن کي پيشِ نظر رکندي ڪاروبار ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڌوڪو ڏيڻ جي آفت کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذِهانت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ ذهانت جو مطلب هوندو آهي:”عقل جي تيزي“ جنهن جو ذهن تيز هجي ۽ جيڪو ڳالھ کي جلدي سمجھي ويندو هجي، ان کي ”ذهين(Intelligent) چوندا آهن۔ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گھڻا ذهين شخص هئا، ڳالھ کي جلدي سمجھڻ ۽ مشڪل کان مشڪل مسئلي جو يڪدم حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ اچو سندن جي ذهانت جي متعلق هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:

مرد ۽ عورت جو عجيب قَسَم

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دور ۾ هڪ شخص ڪنهن ڳالھ تي پنهنجي ٻارن جي امي (يعني زال) سان ناراض ٿي پيو ته ان ڪاوڙ ۾ قسم کڻي ان کي چيائين: مان تو سان ان وقت تائين نه ڳالهائيندس