Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

تمہارے آگے تمام عالَم نہ کیوں کرے زانوئے ادب خَم

کہ پیشوایانِ دین نے مانا امامِ اعظم ابوحنیفہ!

 (دیوانِ سالک از رسائلِ نعیمیہ، ص۳۵)

 

مختصر وضاحت: پهرين شعر جو مطلب آهي ته علم ۽ عمل جا سج حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن، باقي سڀئي تارا آهن ۽ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نور سان روشني وٺي چمڪن ٿا۔ ٻئي شعر جو مطلب آهي ته حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڄڻ ته تمام جهان جا استاد آهن، وڏن وڏن عالمن پڻ سندن کي ”امام اعظم“ تسليم ڪيو آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عقل جي اهميت!

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذهانت مرحبا! يقيناً عقل الله پاڪ جي وڏي عظيم نعمت آهي۔ دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ عقل جو درست استعمال ڪيئي ڪاميابيون ڏياري سگھي ٿو۔ عقل ئي صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري ٿو، عقل ئي انسان جو رهنما آهي، ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙو ڪم ناهي ڪرڻو، اهو فيصلو عقل ئي ڪندو آهي، بهترين عقل اهو آهي جيڪو انسان کي نيڪين جي راھ جو مسافر بڻائي رکي، بدترين عقل اهو آهي جيڪو انسان کي بُرائين جي راھ تي هلائي۔

   درحقيقت عقلمندي اها ئي آهي ته ٻانهو اسلام قبول ڪري ۽ هدايت جي راھ جو مسافر بڻجي وڃي، اسلام قبول نه ڪرڻ وارا جانورن کان بدتر آهن۔ (پ ۹، الاعراف:۱۷۹) تفسيل صراط الجنان ۾ هن جي هڪ وجه اها بيان ڪئي وئي آهي ته جانورن ۾ الله پاڪ جون آيتون سمجهڻ، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي قوت ئي ناهي جيڪڏهن اهي نه سمجهن ته معذور آهن پر غير مسلمن جي عضون ۾ اها