Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

حافظو مضبوط ۽ ڪمزور ڪرڻ وارا ڪجھ ڪم

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي رِضا وارن ڪمن کي سڃاڻڻ، انهن تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي حرام ڪيل ڪمن کان رڪجي وڃڻ عقل ۾ اضافي جو سبب آهي۔ جهڙي طرح نيڪي عقل کي وڌائيندي ۽ حافظي (Memory) کي مضبوط ڪندي آهي، اهڙي طرح گناھ عقل کي ختم ڪندا ۽ حافظي کي ڪمزور ڪندا آهن۔ روزانو ڪيا ويندڙ ڪيئي اهڙا ڪم آهن جن مان ڪجهه سان حافظو مضبوط ٿيندو آهي جڏهن ته ڪجهه حافظو ڪمزور ڪندا آهن۔ الله پاڪ جي رضا ۽ علمِ دين جو فيضان ماڻڻ سميت آخرت بهتر ڪرڻ وارن ڪمن ۾ پنهنجي ذهانت استعمال ڪرڻ جي لاءِ حافظو مضبوط ڪريو۔ اچو! دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب حافظہ کیسے مضبوط ہو مان حافظو مضبوط ۽ ڪمزور ڪرڻ بابت ڪجھ ڪم ٻڌون ٿا:

حافظو مضبوط ڪرڻ وارا  ڪم

      ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ سان حافظو مضبوط ٿيندو آهي۔ (ص،۱۸۶) ٭ نماز پڙهڻ به حافظو مضبوط ڪندي آهي۔ ٭ دُرُود شريف پڙھڻ سان به حافظو قوي (مضبوط) ٿيندو آهي۔ ٭ حلال، پاڪيزه ۽ صحت بخش غذائون دل ۽ دماغ کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ حافظو به مضبوط ڪنديون آهن۔ (ص، ۱۸۷) ٭ گناهن ڀري گفتگو ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان بچڻ سان حافظو مضبوط ٿيندو آهي۔ ٭ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ سان حافظو مضبوط ٿيندو آهي۔ ٭ مِسواڪ شريف جي به اها برڪت آهي ته هن سان ڏندن ۽ وات جي صفائي سان گڏ حافظو به مضبوط ٿيندو آهي۔ (ص،۱۶۷)

 

سرکار کی ادا ہے مسواک پیاری پیاری

اللہ کی رضا ہے مسواک پیاری پیاری