Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

پاڪيزه زندگي ڪيئي سنهري پهلوئن سان ڀريل آهي، سندن تقويٰ، پرهيزگاري، خوفِ خدا، ڪثرتِ عبادت، طلبِ علم دين، عشقِ رسول، فڪرِ آخرت سميت ڪيئي سٺن وصفن جا جامع هئا، ان سان گڏوگڏ پاڻ پنهنجي خداداد ذهانت ۾ به بي مثل ۽ بي مثال هئا۔ اڄ جي بيان ۾ اسان سندن جي حيرت انگيز ذهانت بابت ٻڌنداسين۔ سندن جي ذهانت جا مختلف واقعا بيان ڪيا ويندا ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اچو سڀ کان پهريان سندن جي  ذهانت  متعلق  ڀرپور انفرادي ڪوشش تي مشتمل هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

عُثمانِ غني جو شان تسليم نه ڪرڻ واري تي انفرادي ڪوشِش

ڪوفه ۾ هڪ شخص اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شان ۽ عظمت کي تسليم نه ڪندو هو۔ هڪ ڀيري سيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان وٽ تشريف وٺي ويا ۽ پنهنجي ذهانت کي استعمال ڪندي ان تي انفرادي ڪوشِش ڪيائون ۽ فرمايائون: مون اوهان جي ڌيءُ جي لاءِ رِشتو آندو آهي، ڇوڪرو اهڙو آهي جو بس ان تي هر وَقت خوفِ خدا جو غَلَبو رهندو آهي، نهايت مُتَّقي ۽ وڏو پرهيزگار آهي ۽ سڄي سڄي رات عبادت ۾ گذاريندو آهي، ڇوڪري جون اهي خوبيون (Qualities) ٻڌي هن شخص چيو: تمام سٺو! اهڙو نياڻو ته اسان جي سڄي خاندان جي لاءِ سعادت جو سبب ٿيندو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: پر ان ڇوڪري ۾ هڪ عيب آهي، عيب اهو آهي ته ان جو مذهب ٻيو آهي، اهو ڇوڪرو مسلمان نه آهي۔ اهو ٻڌندي ئي اهو شخص غصي ۾ اچي ويو ۽ ڪاوڙجي چيائين: اوهان ڪهڙا امام آهيو؟ مون کي اهو مشورو ڏئي رهيا آهيو ته مان پنهنجي ڌيءُ جي شادي هڪ غير مسلم سان ڪيان؟ حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏي نرمي سان فرمايائون: ڀاءُ! جڏهن اوهان پنهنجي نياڻي هڪ غير مسلم جي نِڪاح ۾ ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهيو ته اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته الله جا مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ جي پٺيان ٻي پنهنجون ٻه شهزاديون ڪنهن غير مسلم جي نڪاح ۾ ڏئي ڇڏين؟ اهو ٻڌي ان