Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

اِجتماع ڇا آهي؟ ٭ اجتماع جو مڪمل جدول ٭ اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جون 13 فضيلتون ۽ برڪتون ٭ هفتيوار اِجتماع بابت مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا مدني گل ٭ خيرخواهه جا 19 مدني گل ٭ هفتيواراجتماع بابت اِحتياطون ۽ مُفيد معلومات تي مشتمل سوال جواب ٭ هفتيواراجتماع جون شرعي ۽ تنظيمي اِحتياطون وغيره۔

اچو! ترغيب لاءِ ”هفتيوار اجتماع“ ۾ شرڪت جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي مدني بهار ٻڌون ٿا،

اجتماع جي برڪت سان نيڪ بڻجي ويو

مَرڪزُ الاَولِيا لاهور جو هڪ اِسلامي ڀاءُ گُناهن جي وادِين ۾ گُم هو۔ اِسڪول جي زماني ۾ هڪ باعِمامه اِسلامي ڀاء اَڪثَر وڏي ڀاء سان مِلڻ ايندو هو، هڪ ڏينهن منهنجو تَعَارُف ڪرايو ته انهن دعوتِ اِسلامي جي هفتيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع جي دَعوَت پيش ڪئي۔ مان انهن جي دَعوَت تي سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ پهتس، مون کي تمام سٺو لڳو، ان ڪري مون پابندي سان وڃڻ شُرُوع ڪري ڇڏيو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ان جي برڪت سان مون نَمازن جي پابندي شُروع ڪئي۔ آهستي آهستي عِمامو شريف به سَجائي ورتو، جنهن تي گھر جي ڪجهه ڀاتين سَختي سان مُخَالَفَت ڪئي، پر مَدَني ماحول جي ڪشِش ۽ عاشِقانِ رَسُول جو حُسنِ سُلُوڪ مون کي دعوتِ اِسلامي جي گھڻو ويجھو ڪندو ويو۔ مڪتبةُ المدينه تان جاري ٿيڻ وارن سُنَّتن ڀرين بَيانن جون ڪيسٽون ٻڌڻ سان تسلي ٿي ۽ حَوصَلو ملندو رهيو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه آهستي آهستي گھر ۾ به مَدَني ماحول بڻجي ويو۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر     گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول