Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار اجتماع“

عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان هر دم وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدني ڪم ”هفتيوار اجتماع“ به آهي۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ تلاوت و نعت ۽ علمِ دين سان ڀرپور سُنّتن ڀريو بيان ٻڌڻ، اجتماعي طور تي ذڪر الله ڪرڻ ۽ رِقّت انگيز دُعا ۾ پنهنجي گُناهن کان توبه ڪري بُري صحبت کان بچڻ ۽ سٺي صحبت اِختِيار ڪرڻ جا موقعا به ملندا آهن۔ ٭ يقيناً چڱي صحبت اِختِيار ڪرڻ ۽ گڏجي الله ڪريم جو ذِڪر ڪرڻ وڏي فضيلت وارو عمل آهي۔فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جڏهن ماڻهو ڪنهن مجلس ۾ گڏجي الله ڪريم جو ذِڪر ڪن ٿا، پوءِ جڏهن اهي فارغ ٿين ٿا ته انهن کي چيو ويندو آهي ته بيهي رهو، بيشڪ توهان جي گُناهن کي بخشيو ويو آهي ۽ توهان جي بُرائين کي نيڪين سان بدليو ويو آهي۔ (شعب الايمان،باب في محبة الله،۱/۴۵۴،حديث: ۶۹۵) ٭ ”هفتيوار اجتماع“ تلاوتِ قرآن، نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، سُنَّتن ڀري بيان، رِقَّت اَنگيز دُعا، ذِڪر ودُرُود جي مدني گلن ۽ عِلمِ دين جي گُلدستن سان سَجيل هوندو آهي۔

12 مدني ڪمن مان هفتيوار هن مدني ڪم "هفتيوار اِجتماع" جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي "هفتيوار اِجتماع" جو مطالعو ڪريو، دعوت اسلامي جا تمام ذِمه دار، خاص ڪري هفتيوار اجتماع جي مجلسن جا نگران ۽ اراڪين ته هن رِسالي جو لازمي مطالعو ڪن۔ اهو رِسالو مڪتبة المدينه تي دَستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙهي سگھجي ٿو۔

هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔ ٭ اِجتماعات جي اهميت ٭ دعوتِ اسلامي ۽ اِجتماعات جو اِهتمام ٭ هفتيوار