Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

اي عاشقانِ اولياواقعي!امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي وقت جا تمام وڏا فقيه هئا۔ سوين وڏا فقيه ۽ عالم پاڻ تيار ڪيائون، لکين مسئلا قرآن و حديث مان ڪڍي بيان ڪيائون، مسئلا اخذ ڪرڻ جا کوڙ قانون ٺاهيا، وڏن وڏن مشڪل مسئلن کي منٽن ۾ حل ڪري ڏيکاريائون، علمِ حديث جي فروغ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائون، اَلغَرَض! پاڻ واقعي پنهنجي وقت جا ”امامِ اعظم“ هئا۔ اچو! سندن ذهانت ۽ فطانت تي مشتمل هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:

وسري ويل شيء ياد اچڻ جو نسخو

هڪ ڀيري ڪنهن شخص حضرت سَيدُنا امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائين: مون ڪجھ رقم (Amount) هڪ هنڌ احتياط سان رکي هئي، هاڻي مون کي سخت ضرورت آهي پر مون کي ياد نه پيو اچي ڪهڙي هنڌ رکي هئي، اوهان ڪا تدبير فرمايو، پاڻ ان کي فرمايائون: توهان اڄ سڄي رات نماز پڙھو توهان کي پتو پئجي ويندو۔ ان وڃي نماز پڙھڻ شروع ڪئي، ٿوڙي ئي دير ۾ ان کي ياد اچي ويو ته فلاڻي هنڌ رقم رکي هئي، ان رقم ڪڍي ورتي، اڳئين ڏينهن امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ اچي عرض ڪيائين: حضور! اوهان جي تدبير سان مون کي رقم ملي وئي، حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: شيطان کي اهو ڪڏهن پسند هو ته توهان سڄي رات نماز پڙھو، ان ڪري ان جلدي ياد ڏياريائين۔ پر توهان جي لاءِ اهو ئي مناسب رهي ها ته توهان الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي سڄي رات نماز پڙھندا رهو ها۔ (الخيرات الحسان،ص ،۷۱)

کسی کی آنکھوں کا تُو ہے تارا کسی کے دل کا بنا سہارا

مگر کسی کے جگر میں آرا امامِ اعظم ابوحنیفہ