Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

مطالعو ڪرڻ جا مدني گل

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! مطالعو ڪرڻ جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: بيشڪ علم سکڻ سان اچي ٿو۔ (ڪنز العمال،۱۰/۱۰۴، حديث: ۲۹۲۵۲) (2) فرمايائون: دنيا ملعون آهي ۽ الله پاڪ جو ذڪر، ان جا ولي يعني دوست ۽ ديني علم پڙھڻ ۽ پڙھائڻ واري کانسواءِ هر شيءِ به ملعون آهي۔ (تِرمِذي، ڪتاب الزهد،۴/۱۴۴،حديث:۲۳۲۹) ٭ مطالعو ايمان جي مضبوطي ۽ پختگي جو سبب آهي۔ (مطالعہ کیا،کیوں اور کیسے؟ص۱۶) ٭ مطالعي سان علم وڌي ٿو۔ (ايضاً ص۱۷) ٭ مطالعو معرفت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي۔ (ايضاً،ص۱۸) ٭ اهڙن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کان هميشه پري رهو جيڪي ايمان جي لاءِ زهر قاتل، حياء سوز ۽ اخلاق کان ڪريل هجن۔ (ايضاً،ص۲۹) ٭ پنهنجن اڪابرن جا حالات ڄاڻڻ ۽ انهن جي نيڪ ڪمن کي اپنائڻ جي لاءِ انهن جي احوال ۽ ڪوائف تي مشتمل ڪتابن جو مطالعو به ضروري آهي۔ (ايضاً،ص۳۳) ٭ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن توهان ڪو علم حاصل ڪرڻ لڳو يا مطالعو ڪرڻ چاهيو ته بهتر آهي ته توهان جو علم ۽ مطالعو تزڪيهءِ نفس ۽ دل جي اصلاح جو باعث ٿئي۔ (ايضاً،ص۳۲) ٭ ٭ ڪوشش ڪريو ته ڪتاب هر وقت گڏ رهي جو جتي موقعو ملي ڪجھ نه ڪجھ مطالعو ڪيو وڃي ۽ ڪتاب جي صحبت به ميسر رهي۔ (ايضاً،ص۳۶) ٭ مطالعو ڪرڻ کان بعد تمام مطالعي کي شروع کان آخر تائين سرسري نظر سان ڏٺو وڃي ۽ ان جو هڪ خلاصو پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪيو وڃي۔ (ايضاً،ص 112) ٭ پنهنجو اِحتِساب ڪرڻ به فائديمند آهي ته مون کي هن مطالعي مان ڇا حاصل ٿيو ۽ ڪهڙو مواد ذهن نشين ٿيو ۽ ڪهڙو نه۔ (ايضاً،ص 112) ٭ ڪنهن ڳالھ کي ياد ڪرڻ جي لاءِ اکيون بند ڪري يادداشت تي زور ڏيڻ مفيد آهي۔ (ايضاً، ص 117) ٭ جيڪو مطالعو ڪريو ان کي چڱين نيتن سان پنهنجي گھر وارن ۽ دوستن کي ٻڌايو اهڙي نموني به معلومات جو ذخيرو گھڻي عرصي تائين اسان جي دماغ ۾ محفوظ رهندو۔ (ايضاً، ص112) ٭ جيڪو ڪجھ پڙھون ان جي