Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

دهرائي (Repeat) ڪندا رهو۔ (ايضاً،ص 112) ٭ شيخِ طريقت اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه مدَني مذاڪرن ۾ علمِ دين جا رنگ برنگي مدني گل ارشاد فرمائن ٿا هنن مدني مذاڪرن جي برڪت سان پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ، ان کي ٻين تائين پهچائڻ ۽ مزيد مطالعو ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي۔ (ايضاً،ص 115)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: ’’دل جوئي جون فضيلتون‘‘ جنهن ۾ دل جُوئي جي فضيلت تي حديث سڳوريون ۽ بزرگن جا اقوال پيش ڪيا ويندا۔ اسان جا بزرگ سڳورا دل جوئي جا ڪيترا عادي هئا ان جا به ڪجھ واقعا پيش ڪيا ويندا۔ ڪن ڪن معاملن سان اسان مسلمانن جي دل جوئي ڪري سگھون ٿا اهو به بيان ڪيو ويندو۔ وڌيڪ ڪيئي مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد