Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

جو عَقل پنهنجي جاءِ تي آيو ۽ گھڻو شرمسار ٿيو ۽ سيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي شان ۽ عظمت ۽ مقام ۽ مرتبي جو اعتراف ڪرڻ وارو بڻجي ويو۔  

                                                                   (اَلْمَناقِب لِلْڪرْدَرِي، ۱/۱۶۱ بتغير)

ہمارے آقا ہمارے مَولی امامِ اعظم ابوحنیفہ

ہمارے ملجاء ہمارے ماویٰ امامِ اعظم ابوحنیفہ

زمانے بھر نے زمانے بھر میں بہت تجسس کیا و لیکن

مِلا نہ کوئی امام تم سا امامِ اعظم ابوحنیفہ

    (دیوانِ سالک از رسائلِ نعیمیہ،ص۳۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته! حضرت سَيدُنا امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري عقل مندي ۽ ذهانت (Intellect) جو مظاهرو ڪندي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شان ۽ عظمت کي تسليم نه ڪرڻ واري تي انفرادي ڪوشش ڪيائين، وڏي ذهانت ۽ پيار ۽ شفقت سان ڀريل انفرادي ڪوشش جو نتيجو اهو نڪتو جو اهو شخص توبه ڪري اَمِيرُ المؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو شان تسليم ڪرڻ وارو بڻجي ويو۔ هن حڪايت مان اهو به درس مليو ته مبلغ کي انفرادي ڪوشش ڪندي موقعي جي مناسبت سان حڪمتِ عملي جو به استعمال ڪرڻ گھرجي۔ ڪڏهن ڪڏهن حڪمتِ عملي (Strategy) جي چاٻي سان وڏا وڏا بند دروازا به آساني سان کلي ويندا آهن۔

صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو ادب ڪريو!

      اهو به ياد رکو! صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان هميشه ادب ۽ تعظيم سان پيش اچڻ گھرجي۔ صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان اهي مقدس ۽ پاڪيزه هستيون آهن، جن کي الله جي پياري حبيب، مڪي مدني طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحبت ۽ رفاقت جي عظيمُ الشّان سعادت ملي۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن