Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

وحي جا انوار پنهنجن اکين سان ڏٺا۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون  آهن جن جي تربيت (Training) خود خُلقِ عظيم جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ فرمائي۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معمولات کي پنهنجي اکين سان ڏٺائون۔ ٭ هي اهي  عظيم هستيون آهن جن رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معجزن کي ڏٺو، ٭ هي اهي  عظيم هستيون آهن جن مال، دولت جان سميت هر شيء راھ خدا ۾ قربان ڪري ڇڏي۔ ٭ هي اهي عظيم هستيون آهن جن پنهنجي ٻچڙن جي رت جو نظرانو پيش ڪري اسلام جو شان بلند ڪيو۔ ٭ هي اهي عظيم انسان آهن جن تبليغِ دين جي لاءِ هر طرح جون مشقتون برداشت ڪيون۔ مطلب ته! ٭ هي اهي آهن جن جي قربانين جو ئي صلو آهي جو اڄ اسلام جو جهنڊو هر پاسي لهرائي رهيو آهي۔ تنهنڪري!! انهن جي تعظيم ۽ توقير هر مسلمان تي لازم آهي، انهن جو تذڪرو ادب ۽ محبت سان ڪرڻ هر مسلمان تي ضروري آهي۔ پاڻ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن انهن جي باري ۾ وصيتون ۽ نصيحتون فرمايون۔ اچو! انهيء باري ۾ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

      فرمايائون: اَللهَ اَللهَ فِي اَصْحَابِي منهنجي صحابين جي باري ۾ الله کان ڊڄو! خدا جو خوف ڪريو! لَا تَتَّخِذُوْھُمْ غَرَضًا بَعْدِي انهن کي مون کان پوءِ نشانو نه بڻائجو! فَمَنْ اَحَبَّھُمْ فَبِحُبِّي اَحَبَّھُمْ جنهن انهن کي محبوب رکيو منهنجي محبت جي ڪري محبوب رکيو۔ وَمَنْ اَبْغَضَھُمْ فَبِبُغْضِي اَبْغَضَھُمْ ۽ جنهن انهن سان بغض رکيو اهو مونسان بغض رکي ٿو، ان ڪري انهن سان بغض رکيائين۔ وَمَنْ اٰذَا ھُمْ فَقَدْ اٰذَانِي جنهن انهن کي اِيذاء ڏنو ان مون کي ايذاء ڏنو۔ وَمَنْ اٰذَانِي فَقَدْ اَذَي اللّٰه جنهن مون کي ايذاءُ ڏنو ان بيشڪ الله پاڪ کي ايذاء ڏنو۔ وَمَنْ اٰذَي اللّٰه يوْشِڪ اَنْ يأْخُذَه جنهن الله پاڪ کي ايذايو قريب آهي ته الله پاڪ ان جي پڪڙ فرمائي۔             (ترمذي،ڪتاب المناقب، باب في من سب اصحاب النبي، ۵/۴۶۳، حديث:۳۸۸۸)

       دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب بهارِ شريعت ۾ آهي: ڪنهن صحابي سان بُري عقيدت رکڻ بدمذهبي، گمراهي ۽ جهنم ۾