Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

ايمان آندائون، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ايتري قدر عظمت ۽ فضيلت وارا آهن جو اَنبِيَاءِ ڪِرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام کانپوءِ اڳين پوئين سڀني انسانن ۾ سڀ کان افضل ۽ اعليٰ آهن، حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ زندگي جي هر واٽ تي مديني واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ، صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ساٿ ڏئي جان نثاري ۽ وفاداري جو حق ادا ڪيو۔  (الاڪمال في اسماء الرجال ملحق بمشڪاة المصابيح،ص ۵۸۷، تاريخ الخلفاء،ص ۲۷تا۶۶ ملخصاً و ملتقطاً)

جو یارِ غارِ محبوبِ خدا صِدِّیقِ اکبر ہیں                              وُہی یارِ مَزارِ مُصْطَفٰے صِدِّیقِ اکبر ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

قرآن ۾ صديقِ اڪبر جو شان!

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا پاڪيزا وصف ايترا ته آهن جو هي مختصر وَقۡت انهن خاصيتن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ خوفِ خدا وعشقِ مُصۡطَفٰي، صِلَه رِحمي وحُسنِ اخلاق ۽ دينِ اسلام جي سربُلندي ۾ بهترين شخصيت هئا. حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي ڪردار سان سڄي دُنيا جي مُسلمانن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته هڪ اُمَّتي جو پنهنجي نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪهڙو تَعَلُّق وعشق هجڻ گھرجي. پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي خواهشن، مال ۽ اَسباب، اَولاد ۽ عزيز ايستائين جو پنهنجي جان کان وڌيڪ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت ڪئي ۽ ان مَحَبَّت کي هميشه پنهنجي دل ۾ روشن رکيو، حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عمل سان خُوش ٿي رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئي موقعن تي سندن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪئي، ايستائين جو قرآنِ ڪريم ۾ سندن شان و شوڪت ۾ مختلف آيتون سڳوريون نازل ٿيون آهن، جيئن.. سيپاري 30 سُوۡرَة الَّيل جي آيت نمبر19 کان 21 ۾ ارشاد آهي: