Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

۾ اسان سندن ذڪرِ خير، تعارف، فضائل ۽ خصوصيات ۽ سندن زندگي جا واقعا ٻڌنداسين، ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اچو! سڀ کان پهريان حضرت سَيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

رسول الله جي فرمان سبب روئڻ

حضرتِ سَيدُنا زَيد بن ارقم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته اسان هڪ ڀيري حضرتِ سَيدُنا ابُوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي بارگاھ ۾ ويٺا هئاسين ته پاڻي ۽ ماکي آندو ويو ۽ جيئن ئي سندن جي ويجھو ڪيو ويو ته صديقِ اڪبر جن زارو قطار روئڻ شروع ڪري ڏنو ۽ روئندا رهيا ايستائين جو تمام صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ به روئڻ لڳا، صَحَابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ روئي ڪري ماٺ ٿي ويا پر صديقِ اڪبر جن روئندا رهيا، صَحَابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ صديقِ اڪبر جن کي ڏسي وري روئڻ لڳا، نيٺ حضرتِ سَيدُنا ابُوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجا نيڻ اُگھيا ته صَحَابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جن عرض ڪيو اي رسولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا خليفہ! اوهان کي ڪهڙي شيء روئاريو، فرمايائون؛ هڪ ڀيري مان الله جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ ويٺو هئس ته اوچتو مون ڏٺو ته رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ تان ڪا شيء پري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مون کي ان وقت ڪا شيء نظر نه اچي رهي هئي، مون عرض ڪيو؛ يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان ڪهڙي شيء کي هٽائي رهيا آهيو، فرمايائون؛ دنيا منهنجو ارادو ڪيو هو مون ان کي چيو ته پري ٿي وڃ، ته ان مون کي چيو؛ اوهان ته پاڻ کي مون کان بچائي ورتو، پر اوهان کان بعد وارا مون کان نه بچي سگھندا ـ “               (شعب الايمان ، باب في الزھد وقصر الامل، 7/343، حديث:10518)

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو ته دنيا جي محبت چڱي شيء نه آهي، تڏهن ته اسان جي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا کي ٺڪرائي ڇڏيائون، ياد رکو! ٭ دنيا جي محبت ۾ گرفتار ٿي انسان آخرت کي وساري ڇڏيندو آهي، ٭ دنيا جي محبت ۾ مبتلا ٿي