Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صديق اڪبر جون خاصيتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً تمام صحابه ڪرام ئي چمڪندڙ ڌَمڪندڙ تارا آهن، جن جو شان ۽ عظمت اهڙو بي مثال آهي جو ڪو به اُمّتي اُنهن جي مقام ۽ رتبي کي نٿو پهچي سگھي، پر سمورن صحابه ڪرام ۾ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام سڀني کان نمايان آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انبياء کان بعد سڀ کان افضل ۽ اعليٰ آهن، الله ڪريم اوهان کي ڪهڙين خاصيتن سان نوازيو آهي۔ اچو! سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جون ڪجھ خاصيتون ٻڌون ٿا،

٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اسلام قبول ڪرڻ کان پهريان به ڪڏهن بُت کي سجدو نه ڪيائون۔ )ملفوظاتِ اعليٰ حضرت،۶۰( ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ شروع کان ئي شراب کي پاڻ تي حرام ڪري رکيائون، پاڻ نه ته جاهليت واري زماني ۾ شراب پيتو ۽ نه ئي اسلام واري زماني ۾۔ (معرفة الصحابة لابي نعيم، ۱/ ۵۸) ٭ صديق ِاڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اهي واحد هستي آهن، جيڪي پاڻ به صحابي، والد به صحابي، پٽ به صحابي، پوٽا به صحابي، ڏوهٽا به صحابي ۽ نياڻين کي به صحابيات هئڻ جو شرف نصيب ٿيو۔ ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اهي خوش نصيب صحابي آهن، جن جو نالو پاڻ الله پاڪ صديق رکيو۔ (فيضانِ صديق اڪبر،۴۹۳) ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  آقا ڪريم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جا اهڙا وزيرِ خاص هئا جو پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم مختلف ڪمن ۾ انهن سان مشاورت ڪندا هئا۔ (تاريخ الخلفاء، ۴۶ملخّصاً) ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هجرت جي وقت به آقا عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سان گڏ هئا ۽ اها بشارت حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام ڏني هئي ته پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سان گڏ ابوبڪر هجرت ڪندا۔ (ڪنزالعمال،۸ /۲۸۵) ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ئي اهي صحابي آهن، جن آقا ڪريم عَلَيهِ السَّلَام جي حياتِ ظاهري ۾ صحابه ڪرام کي سترهن (17) نمازون پڙھايائون، صديق اڪبر جي علاوه ڪنهن صحابي کي اها سعادت نه ملي۔ (سيرت سيدالانبياء، ص۶۰۱ملخّصاً) ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اهي عظيم