Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

ڀينرن ايستائين جو والدين تائين کي ئي نٿا پڇن ته اندازو لڳايو ته اهي گھر جي ٻاهر وارن پاڙيسرين جو ڪهڙو خيال رکندا ۽ انهن جي حقن کي ڇا ادا ڪندا۔

خیر خواہ ہم بھی پڑوسی کے بنیں                                       یہ  کرم  یامصطَفٰے   فرمایئے!

نِعمتِ  اَخلاق  کردیجے  عطا!                                               یہ  کرم  یامصطَفٰے  فرمایئے!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني مذاڪرو“

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي گھروارن، پاڙي وارن، ۽ عام مسلمان سان حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ جو جذبو ماڻڻ، فَيضانِ صِدِّيقِ اڪبر سان فيضياب ٿيڻ، سٺن اَخلاق جي لازوال دَولت ماڻڻ ۽ سٺي صحبت جي فيضان سان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهو ۽ 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم هفتيوار مدني مذاڪرو به آهي۔ هن مدني ڪم جا بي شُمار ديني ۽ دُنيوي فائدا آهن، ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذِهن ملندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان دِيني معلومات سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن مدني ڪم جي برڪت سان بيشُمار ماڻهو گناهن ڀري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا۔

  اچو! تَرغِيب لاءِ هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي نِيت ڪريو،

 

گناهن کان توبه ڪري ورتي!