Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

صحابي آهن جن جي رضا پاڻ الله ڪريم چاهي ٿو۔ (ڪنزالعمال،۶/۲۲۸ملخّصاً) ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اڪثر اوقات حضرت جبريل امين عَلَيهِ السَّلَام جي نبي ڪريم عَلَيهِ السَّلَام سان گڏ ٿيڻ واري گفتگو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪندا هئا۔ (تاريخ الخلفاء، ۴۶ ملخّصاً) ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ئي اهي صحابي آهن، جيڪي سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سڀ کان وڌيڪ محبوب هئا۔ (بخاري، ۲/۵۱۹ملخّصاً) ٭ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ئي تمام نبين ۽ رسولن کان پوءِ سڀ کان افضل انسان آهن۔ (فيضان صديق اڪبر،۵۰۳)٭آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: چڱيون خصلتون ٽي سو سٺ (360) آهن، صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيائون: ڇا منهنجي اندر به انهن مان ڪا خصلت موجود آهي؟ فرمايائون: اي ابوبڪر! توهان جي اندر ته تمام خصلتون موجود آهن۔

(تاريخ مدينة دمشق،۳۰/۱۰۳ملتقظاً)

بَیاں  ہو کس زَباں  سے مرتَبہ صِدِّیقِ اَکبَر  کا                       ہے یارِ غار، محبوبِ خدا صِدِّیقِ اَکبَر کا

اِلٰہی! رَحم فرما! خادِمِ صِدِّیقِ اَکبَر ہوں                           تِری رَحمت کے صدقے واسِطہصِدِّیقِ اَکبَر کا

پاڙيسري سان جھيڙو نه ڪريو

اي عاشقانِ صحابه! اوهان ٻڌو ته الله پاڪ حضرت سَيدُنا ابُوبڪرصِدِيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ڪيترين خاصيتن سان نوازيو هو، انهن خصوصيتن کان علاوه به پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بي شمار خوبين جا مالڪ هئا، اوهان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هڪ نهايت ئي پيارو وَصف اهو هو جو پاڻ پاڙيسرين جي حق ۾ نهايت نرم دل هئا، جيئن ته حضرت سَيدُنا عبدُ الرحمن بِن قَاسِم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي والِد کان رِوايت ڪن ٿا ته هڪ ڀيري حضرتِ سَيدُنا ابُوبڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي پٽ حضرت سَيدُنا عبدُالرحمن بن ابُوبڪر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽان گذريا ته هو پنهنجي پاڙيسري کي ڌڙڪا ڏئي رهيو هو، پاڻ ان کي فرمايائون: پنهنجي پاڙيسري سان جھيڙو نه ڪريو، ڇوته اهو ته هتي رهندو، پر جيڪي ماڻهو تنهنجي جھيڙي کي ڏسندا اهي هتان کان هليا ويندا۔     

                     (ڪنز العمال، ڪتاب الصحبة ، باب في حقوق تتعلق بصحبة الجار، الجزء:۹،۵/۷۹،حديث:۲۵۵۹۹)

پاڙيسري جا حق