Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي خَيرخواهي، نُورِ فِراست، شفقت ۽ مهرباني سميت کوڙ خوبين سان نوازيو هو۔ سندن شَخصِيت ۾ هڪ شاندار خوبي اها به هئي ته سندن خُوش اخلاقي جا پيڪر هئا، جو سندن سان بُرو سُلوڪ (Bad treatment) ڪرڻ وارن کان به کين بدلو نه وٺندا هئا۔ جيئن

هڪ پاڳل سان ملاقات

حضرت سَيدُنا قاسِم بن محمد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کان رِوايت آهي ته حضرت سَيدُنا ابوبَڪرصِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪعبَة الله شريف وڃي رهيا هئا ته قُرَيش جي هڪ پاڳل شخص سندن مٿي تي مٽي اڇلائي۔ ايتري ۾ اتان کان وَليد بن مُغِيره يا عاص بن وائل گذريو۔ حضرت سَيدُنا ابوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان ڏانهن ڏسي چيائون: هن بيوقوف جي گندي حَرَڪت توهان ڏسي ورتي؟ ته اهو چوڻ لڳو: هن جا ذِمَّه دار توهان پاڻ آهيو (يعني توهان کي ڪنهن چيو هو ته مڪي وارن مشرڪن کي ڇڏي مسلمان ٿي وڃو، اها توهان جي مسلمان ٿيڻ جي سزا آهي) پاڻ اهو ٻڌو ته ٽي (3) ڀيرا بارگاه خداوندي ۾ عَرض ڪيائون: اي پَروَردگار تون سڀ کان وڏو حليم آهين۔  (البداية والنھاية،۲ /۴۵۲، الرياض النضرة،۱/۹۴)

بِلاشک پیکرِ صَبْر و رِضا صِدِّیقِ اکبر ہیں                                یقیناً مَخْزَنِ صِدْق و وَفا صِدِّیق اکبر ہیں

نہایت مُتَّقِی و پارسا صِدِّیق اکبر ہیں                                   تَقِی ہیں بلکہ شاہِ اَتْقِیا صِدِّیق اکبر ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  اي عاشقانِ صحابه! ٻڌو اوهان ته ڇا ته شان آهي اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو، جو هڪ شخص سندن جي مٿي مبارَڪ تي مٽي اڇلائي ۽ ٻئي شخص طَنز ڪيو، پر قُربان وڃجي، يارِ غار جي اَخلاق تي جو ان وقت به الله پاڪ ڏانهن رجوع ڪيائون ۽ ربِّ ڪريم جي صفتِ حليمي کي ياد ڪيائون۔ افسوس! جيئن جيئن اسان زمانَه رِسالت کان پري ٿيندا پيا