Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

اي محبتِ رسول جي دعوي ڪرڻ وارا عاشقانِ رسول! سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ته دشمنن جي اڳيان به نيڪي جي دعوت ڏين ۽ اسان پنهنجي مسلمان ڀائرن کي گناهن ۾ ڏسڻ جي باوجود به نيڪي جي دعوت نه ڏيون، سيدنا صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نيڪي جي دعوت جي خاطر تڪليفون برداشت ڪن ۽ اسان جي لاءِ ماڻهو محبت جي گلن جي ورکا ڪن اسان پوءِ به نيڪي جي دعوت جون ڌومون نه مچايون، سيدنا صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ته نيڪي جي دعوت جي خاطر تڪليفون برداشت ڪن ۽ اسان کي طرح طرح جون سهولتون ميسر هئڻ جي باوجود به نيڪي جي دعوت نه ڏيون ته سوچيو اسان محبتِ رسول ۾ سچا آهيون يا اها محبت صرف زبان جي حد تائين آهي، ياد رکو! مَحَبَّت جون ڪجھ نشانيون هونديون آهن، جن کي هڪ عاشقِ صادق جي عشق ۽ مَحَبَّت جو دليل سمجھيو ويندو آهي، انهن نشانين کي ڏسي ٻين کي يقين ٿي ويندو آهي ته واقعي اهو شخص فُلاڻي کان بيحد مَحَبَّت ڪري ٿو، مثال طور مَحَبَّت ڪرڻ وارو هر مُعاملي ۾ پنهنجي محبوب جي اِطاعت ڪري ٿو، هر وَقت محبوب جي ذِڪر سان پنهنجي زبان کي تَر رکي ٿو، محبوب جي پسند کي اپنائي ٿو، محبوب جي ناپسنديده شين کان پري رهي ٿو۔ پوءِ جڏهن اها ئي مَحَبَّت پنهنجي اِنتها کي پهچي ويندي آهي ته عشق جو رُوپ اختيار ڪندي آهي۔ اسان جي بُزرگن کوڙ هنڌن تي عاشقن جي مختلف نشانين کي بيان فرمايو آهي۔ اچو! محبت جون نشانيون ٻڌون ٿا: جيئن

محبتِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نشانيون:

اِمَام قَسطلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه محبتِ رسول جون نشانيون بيان ڪن ٿا، جيڪو انهن کي اپنائيندو ته اهو حقيقي عاشقِ رسول بڻجي ويندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

 (۱) اِقتدا (پيروي ڪرڻ) عشقِ رسول جي سڀ کان وڏي نشاني هي آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِقتدا ۽ پيروي، محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّت کي اپنائڻ، سندن جي رستي تي هلڻ، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت مان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ سندن جي شريعت جي حُدود تي قائم رهڻ۔