Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.

(المعجم الڪبير، سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جُمَادي الاُخريٰ اسلامي سال جو ڇهون مهينو آهي، هن جي 22 تاريخ تي عاشقِ اڪبر، سالارِ صحابه، پيڪرِ صدق و وفا، يارِ غار ۽ يارِ مزار، پهرين خليفهءِ راشد اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو يومِ عُرس آهي. انهيء مناسبت سان اڄ اسان سندن سيرت و ڪردار بابت ٻڌنداسين. هن ۾ ڪجھ شڪ ناهي ته حضرتِ سَيدُنا صِدِّيقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هر لحاظ کان اَشرَف ۽ اَعليٰ آهن، اِمامت هجي يا خِلافت، ڪرامت هجي يا شَرَافت، صَدَاقت هجي يا شُجَاعت، خوفِ خدا هجي يا عشقِ مصطفيٰ، اَلغَرَض! هر اِعتِبار سان صديقِ اڪبر جو هڪ اهم مقام (Important) آهي، اڄ جي بيان