Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

انسان گناهن جي دلدل ۾ دٻجندو ويندو آهي، ٭ دنيا جي محبت ۾ پئجي انسان حلال ۽ حرام ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي، ٭ دنيا جي محبت جو شڪار ٿيڻ وارو انسان نيڪين کان پاسو ڪندو آهي، ٭ دنيا جي محبت سان ناطو جوڙڻ وارو انسان پنهنجي موت ۽ قبر کي وساري ڇڏيندو آهي، ٭ دنيا جي محبت ۾ گم رهڻ وارو انسان پنهنجي آخرت کي خراب ڪري لاهيندو آهي، ٭ دنيا جي محبت کي دل ۾ جڳھ ڏيڻ وارو انسان پنهنجي آخرت (Hereafter)کي وساري گھاٽي جو سودو ڪندو آهي، اَلغَرَض! ٭ دنيا جي محبت جو شڪار ٿيڻ وارو انسان تمام وڏي نقصان جو شڪار ٿي ويندو آهي۔ انهيء ڪري ٭ الله وارا دنيا جي محبت کان پري رهندا هئا ايستائين جو معمولي شيون ڏسي روئي پوندا هئا جيئن ته ٭ اوهان ٻڌو ته سَيدُنا صِدِّيق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ماکي مليل پاڻي کي ڏسي ايترا رُنا جو صَحَابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ سندن جي روئڻ واري اها حالت ڏسي نه سگھيا ۽ اهي به سڏڪا ڀري روئڻ لڳا، صديقِ اڪبر صرف انهي خوف جي ڪري روئي رهيا هئا ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو آئون به دنيا جي محبت ۽ پُر فريب رونقن ۾ غافل ٿي پنهنجي پالڻهار جي ڪا نافرماني ڪري ويهان ۽ پوءِ منهنجو ڪريم ربّ مون کان ناراض ٿي وڃي، جڏهن ته صديقِ اڪبر جي اها شخصيت آهي جو جن کي پياري آقا مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ئي ۾ جنّت جي بشارت عطا فرمائي هئي، پر ان جي باوجود سندن تي خوفِ خدا جو ڪيتري قدر غلبو هو، هڪ پاسي سَيدُنا صِدِّيق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو خوفِ خدا آهي ۽ ٻي پاسي اسان آهيون جو ڪجھ خبر ناهي ايمان تي خاتمو ٿيندو يا نه؟ مرڻ وقت ڪلمو نصيب ٿيندو يا نه؟ قبر ۾ منڪر نڪير جي سوالن جا جوابات به ڏئي سگھنداسين يا نه؟ قبر ۾ مصطفٰي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سڃاڻپ به نصيب ٿيندي يا نه؟ قبر جنّت جو باغ بڻجندي يا مَعَاذَالله! جهنّم جي کڏ! پر پوءِ به ڪو خوف ناهي، اعمال نامو نيڪين کان خالي هئڻ جي باوجود نيڪين جي جُستجُو نٿا ڪيون، بلڪ ڏينهن رات بس هڪ ئي ڌُن ۾ مگن آهيون، دولت گڏ ڪري وٺون، گھر ۽ بنگلا ٺاهي وٺون، بينڪ بيلنس ۾ اضافو ڪري وٺون،