Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

واه ڪينٽ (پنجاب) جو هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول کان پهريان ٻين نوجوانن جيان گھڻين اَخلاقي بُرائين ۾ مبتلا هو۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ ان جو محبوب مشغلو هو۔ هڪ ڏينهن ان کي گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدني مذاڪرو ڏسڻ جي برڪت سان ان کي اڳوڻن گناهن کان توبه نصيب ٿي ۽ هو فرض ۽ واجبات جو عامِل بڻجڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، چهري تي هڪ مُٺ ڏاڙھي مُبارڪه سجائي ورتي۔ الله پاڪ جو وڌيڪ فضل ۽ ڪرم اهو ٿيو ته ان جي والدين خوشي سان ان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ ”وقفِ مدينه“ ڪري ڇڏيو۔

مدنی چینل کی مہِم ہےنفس وشیطاں کے خلاف                       جو بھی دیکھے گا کریگا اِنْ شَآءَ اللہ اِعتراف

نفسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرْب  ایسی  لگے  گی  زور دار                                                           شرمِ عِصیاں کے سبب ہوگا گنہگار اشکبار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صديقِ اڪبر جو عشق ِرسول

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرتِ مُبارڪه مَحَبَّتِ رسول جي حقيقي آئينه دار هئي، جڏهن ته سندن ڪردار به عشقِ رسول جو بهترين مِعيار هو، اچو! حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عشقِ مُصطَفٰي تي مشتمل ايمان اَفروز واقعو ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي سِينن ۾ موجود حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي۔ جيئن

یہ اک جان کیا ہے …

اسلام جي شروعات ۾ جڏهن صحابَه ڪرام جو تعداد (38) ٿيو ته حضرت