Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

خوب جائيداد ۽ مال ٺاهيون، سٺا سٺا کاڌا کائي وٺون، وڏين وڏين ڪارن تي گھمي وٺون، سڄي دنيا جي سير ڪري وٺون، ٻارن جو مستقبل  (Future) ٺاهي وٺون، ٻارن جون شاديون ڪري وٺون۔ مطلب ته! اسان دنيا کي ئي سب ڪجھ سمجھي ورتو آهي۔ اي ڪاش! اسان خوابِ غفلت مان بيدار ٿي وڃون، دنيا جي محبت کان پيڇو ڇڏائي اسان کي به خوفِ خدا نصيب ٿئي!

دل مِرَا دُنیا پہ شَیْدَا ہوگیا                                              اے مِرے اللہ یہ کیا ہوگیا

کچھ مرے بچنے کی صُورت کیجئے          اب تو جو ہونا تھا مولیٰ ہوگیا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اَڪبر جو مختصر تعارُف

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقِ اڪبر حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سڄي زندگي شاندار آهي، حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ننڍپڻ کان ئي بُرن ڪمن کان بچڻ وارا هئا، شروع کان ئي ڪوڙ کان نفرت ڪرڻ وارا هئا، حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو عبدالله آهي، ۽ سندن ڪُنيت ابوبڪر، ۽ صديق، عَتِيق سندن لقب هئا، صِدِّيق جي معنيٰ آهي ”گھڻو سچ ڳالهائيندڙ“ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جاهليت واري دور ۾ ئي انهي لقب سان مشهور هئا، ڇو ته پاڻ سدائين سچ ڳالهائيندا هئا، ۽ عَتِيق جي معنيٰ آهي ”آزاد“. سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي خوشخبري ڏيندي فرمايو: اَنۡتَ عَتِيقُ الله مِنَ النَّارِ يعني (اي ابو بڪر!) توهان جهنم جي باهه کان آزاد آهيو، تنهنڪري سندن جو لقب عَتِيق ٿيو۔ (تاریخ الخلفاء،فصل فی اسمہ و لقبہ، ص۲۹) حضرت سيّدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عام الفيل جي تقريبًا اڍائي سالن کان پوءِ مڪةُالمڪرمة ۾ پيدا ٿيا، اميرُالمؤمنين حضرت سيّدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اهي صحابي آهن جن آزاد مردن ۾ سڀ کان پهريان تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُّوَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تصديق ڪئي ۽