Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

گھڻو ڪندو آهي، ڪن چيو: مَحَبَّت، محبوب کي هميشه ياد رکڻ جو نالو آهي. هڪ بزرگ فرمائن ٿا ته ”جيتري قدر پساھ آهن، ان جي مطابق محبوب جو ذڪر ڪيو وڃي۔  (المواهب اللدنيه ،۲/۴۹۵،ملتقطاً)

جيڪو شخص اهي صفتون ماڻي وٺندو آهي، الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ان جي مَحَبَّت ڪامل ٿي ويندي آهي ۽ جيڪو انهن مان ڪجهه جي مُخالفت ڪري، ان جي مَحَبَّت ناقص آهي. (المواهب اللدنيه ،۲/۵۰۱) عاشق ِاڪبر سَيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اندر ته محبتِ رسول جون هي علامتون ڪامل طور تي ڏٺيون وينديون هيون، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ته عشقِ رسول جون اهي منزلون طئي ڪري چڪا هئا جو عشق ۽ محبت ۽ اطاعتِ مصطفٰي، ڄڻ ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو اٿڻ ويهڻ ٿي چڪو هو.

الله ڪريم اسان کي به عاشقِ اڪبر، صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي صدقي ۾ سچي محبتِ رسول عطا فرمائي، اچو ملي ڪري دعا ڪريون ٿا.

دنیا کی لذّتوں سے مِری جان چُھوٹ جائے

مجھ کو بنا دے یاخدا تُو عاشقِ رسول!

مجلس ”مدرسة المدينه بالغان“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي عشقِ رسول، محبتِ صحابه و اهل ِبيت ۽ اولياءِ ڪرام جي مَحَبَّت دل ۾ ويهارڻ، انهن جي مبارڪ سيرت تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ جي لاءِ ڪم وبيش107 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪري رهي آهي۔ انهن مان هڪ شعبو مجلس مدرسة المدينه بالغانبه آهي۔ مَدرَسة المدينه بالغان مختلف هنڌن جھڙوڪ مسجدن، تعليمي ادارن، مارڪيٽن ۽ گھرن وغيره ۾ لڳايا ويندا آهن۔ مَدرَسةا لمدينه بالغان ۾ بالغ يعني وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي مختلف اوقات ۾ دُرست مخارج جي ادائيگي سان مدني قاعده ۽ قرآنِ ڪريم فِي سَبِيلِ الله