Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

پڙھايو ويندو آهي۔ مَدرَسة المدينه بالغان براءِ مسجد جو جدول ڪم و بيش 45 منٽ آهي جڏهن ته مَدرَسة المدينه بالغان براءِ مارڪيٽ جوجدول ڪم و بيش 35 منٽ آهي۔ مَدرَسة المدينه بالغان ۾ مدني درس ڏيڻ، ڪتاب نماز جا احڪام مان نماز، غسل، وضو،نمازِ جنازه وغيره سيکارڻ، سنتون ۽ آداب سيکارڻ ۽ آخر ۾ مدني انعامات جي رِسالي مان ”فڪرِ مدينه“ ڪرڻ ڪرائڻ به شامل آهي۔ اچو! نيت ڪريون ٿا ته تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالغان ۾ پاڻ به شرڪت ڪنداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏيارينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                          نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

هٿ ملائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو!شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رَضَوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي رسالي 101 مدني گل مان ڪجھ هٿ ملائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: (1) ٻن مسلمانن جو ملاقات جي وقت سلام ڪري ٻنهي هٿن سان مصافحو يعني ٻئي هٿ ملائڻ سنّت آهي. (2) موڪلائڻ وقت به سلام ڪريو ۽ هٿ به ملائي سگھو ٿا۔ (3) نبي مُڪرَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى