Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

وَ مَا لِاَحَدٍ عِنْدَهٗ مِنْ نِّعْمَةٍ تُجْزٰۤىۙ(۱۹) اِلَّا ابْتِغَآءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْاَعْلٰىۚ(۲۰) وَ لَسَوْفَ یَرْضٰى۠(۲۱)        

تَرجَموڪنز الايمان: ۽ ڪنهن جو  ان تي ڪو احسان ناهي جنهن جو بدلو ڏنو وڃي، صرف پنهنجي رَبّ جي رضا چاهي ٿو جيڪو سڀني کان بلند آهي ۽ بيشڪ قريب آهي ته اهو راضي ٿيندو۔

تفسير خزائن العرفان ۾ آهي: جڏهن حضرت سَيدُنا ابُوبڪرصِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضرت سَيدُنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي تمام گھڻي قيمت تي خريد ڪري آزاد ڪيو ته ڪافرن کي حيرت ٿي ۽ انهن چيو: حضرت ابُوبڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ائين ڇو ڪيو آهي؟ شايد حضرت بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو انهن تي ڪو احسان هوندو، ان ڪري انهن ايتري گھڻي قيمت ڏئي خريد ڪيو ۽ آزاد ڪيو، ان تي اها آيت سڳوري نازِل ٿي ۽ ظاهر فرمايو ويو ته حضرت ابُوبڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هي فعل، محض الله تعاليٰ جي رِضا جي لاءِ آهي، ڪنهن جي اِحسان جو بدلو ناهي ۽ نه انهن تي حضرت بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وغيره جو ڪو احسان آهي۔ حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪيئي غُلامن کي انهن جي اسلام آڻڻ جي ڪري خريد ڪري آزاد ڪيو ۔  ( خزائن العرفان،ص۱۱۰۸بتغيرقليل)

جو یارِ غارِ محبوبِ خُدا صِدِّیق اکبر ہیں                             وُہی یارِ مزارِ مُصْطَفٰے صِدِّیق اکبر ہیں

عُمر سے بھی وہ  اَفْضل ہیں وہ عُثماں سے بھی ہیں اَعْلیٰ                           یقیناً پیشوائے مُرتضیٰ صِدِّیق اکبر ہیں

(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۵۶۵،۵۶۶)

حديث سڳورين ۾ صديقِ اڪبر جي فضيلت  

اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! اوهان ٻڌو الله پاڪ سيدنا صديق اڪبر جي شان ۽ عظمت کي قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيو آهي ۽ اُمّتين سان محبت ڪندڙ آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئي حديث سڳورين ۾ سندن شان ۽ سندن فضيلتن ۽ عظمتن کي بيان فرمايو آهي، اچو! سيدنا صديق اڪبر جي فضيلتن ۽ عظمتن بابت ٻه (2) حديث سڳوريون ٻڌون ٿا۔