Book Name:Zindgi Ka Maqsad

زندگي جي آمد براءِ بندگي!

      اے عاشقانِ رسول! هن آيت مان معلوم ٿيو ته (زندگي ۾) انسان جو هر عمل خالص الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ شريعت جي بيان ڪيل طريقي جي مطابق هئڻ گھرجي۔ (صراط الجنان، ۱۰/۲۳۹) يعني اسان اهو به چئي سگھون ٿا ته ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اسان وڌ کان وڌ نيڪيون ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو پنهنجي اندر خوفِ خدا پيدا ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو پنهنجي اندر حُسنِ اخلاق پيدا ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو زُهد ۽ تقويٰ اختيار ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر بڻجون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اتباعِ شريعت جو جذبو بيدار ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو دل ۾ محبتِ الٰهي جو ٻج پوکيون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو الله پاڪ جي عبادت ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو تلاوتِ قرآن ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو درودِ پاڪ پڙھون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو نمازون پڙھون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اسان باحيا بڻجون ۽ باحيا رهڻ جي ڪوشش ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو پاڻ ۾ اتباعِ رسول جو جذبو پيدا ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اسان پنهنجي ڪردار کي مدني ڪردار ۾ بدليون، ٭ مطلب ته! اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو ان کي الله پاڪ جي عبادت ۽ ان جي اطاعت ۾ گذاريون۔ ڪنهن فارسي شاعر ڇا ته بهترين چيو آهي:

زِندگی آمَد برائے بَندَگی                              زِندگی بے بَندَگی شَرمِندگی

   مختصر وضاحت: زندگي عبادت ڪرڻ جي لاءِ ملي آهي، بغير عبادت جي گذارڻ واري زندگي شرمندگي جو سبب آهي۔