Book Name:Zindgi Ka Maqsad

تائين استعمال ۾ رهندا آهن جيسيتائين اهي اسان جي پيرن کي گپ، مٽي، دُھول پٿرين وغيره کان محفوظ رکندا آهن، پوءِ هڪ وقت ايندو آهي ته جڏهن جُوتا يا چپل پُراڻا ٿي ويندا آهن يا ٽٽي ويندا آهن ته انهن کي پيرن کان جدا ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح هڪ تمام ڊگھي فهرست آهي۔ اسان زندگي جي مختلف شين کي ڏسندا وڃو، هر شيء جيسيتائين پنهنجي مقصد تي قائم رهندي آهي، انسان انهن مان فائدو کڻندو رهندو آهي جيئن ئي مقصد ختم ٿيندو آهي ان شيء کي به ڇڏيو ويندو آهي۔

ڪڏهن اسان به غور ڪريون! اسان کي ڇو بڻايو ويو آهي؟ اسان به ته الله پاڪ جي مخلوق آهيون، اسان کي اشرفُ المخلوقات قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن سڄي مخلوق کي بنائڻ جو مقصد آهي ته حضرت انسان کي پيدا ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ڇا هن حسين و جميل، عقل مند ۽ شعور يافته انسان کي بي مقصد پيدا ڪيو ويو آهي؟ نه نه! هن انسان کي پيدا ڪرڻ جو به ڪو مقصد آهي۔ جيئن سپاري 18 سورة المُؤمِنُون آيت نمبر115 ۾ ارشاد آهي:

اَفَحَسِبْتُمْ اَنَّمَا خَلَقْنٰكُمْ عَبَثًا وَّ اَنَّكُمْ اِلَیْنَا لَا تُرْجَعُوْنَ(۱۱۵) (پ:۱۸،المؤمنون:۱۱۵)

ترجمو ڪنزُالايمان: پوءِ ڇا توهان اهو سمجهيو آهي ته اسان توهان کي بيڪار پيدا ڪيو آهي ۽ توهان کي اسان جي طرف موٽڻو نه آهي.

   منهنجا پيارا اسلامي ڀائرو! ڄڻ اسان کي بيدار ڪيو پيو وڃي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪو سبب آهي جنهن جي لاءِ انسان کي پيدا ڪيو ويو آهي، انهيءِ مقصدِ تخليق (Purpose of Creation) کي سيپاري 29، سُورة الملڪ آيت 2 ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

الَّذِیْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوةَ لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًاؕ- (پ۲۹، الملڪ۲)

ترجمو ڪنزُالايمان: اهو جنهن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي جيئن توهان جو امتحان ٿئي توهان مان ڪنهن جا ڪم وڌيڪ چڱا آهن