Book Name:Zindgi Ka Maqsad

اي نفس توکي مبارڪ!

حضرتِ رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا تمام وڏي وليه هيون۔ وڏي عبادت گذار ۽ شب بيدار (يعني راتين جو جاڳي عبادت ڪرڻ واري) خاتون هئي۔ انهن پنهنجي زندگي عبادت ڪرڻ ۾ ئي گذاري ڇڏي هئي۔ انهن جو معمول هو ته جڏهن رات ٿيندي هئي ۽ سڀئي ماڻهو سمهي پوندا هئا ته پنهنجو پاڻ کي مخاطب ڪري چوندي هئي: ”اي رابعه! (ٿي سگھي ٿو ته) اها تنهنجي زندگي جي آخري رات هجي، ٿي سگھي ٿو ته توکي سڀاڻي وارو سج ڏسڻ نصيب نه ٿئي تنهنڪري اُٿ ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم جي عبادت ڪر ته جيئن سڀاڻي قيامت ۾ توکي ندامت کي منهن نه ڏيڻو پوي، همت ڪر! ننڊ نه ڪر! جاڳي پنهنجي ربّ جي عبادت ڪر!“ اهو چوڻ کان پوءِ پاڻ بيهي رهنديون هيون ۽ صبح تائين نفل ادا ڪنديون هيون۔ جڏهن فجر جي نماز ادا ڪنديون هيون ته پنهنجو پاڻ کي ٻيهر مخاطب ڪري فرمائينديون هيون: ’’اي منهنجا نفس! توکي مبارڪ هجي ته گذريل رات تو وڏي مشقت کنئي پر ياد رکجان ته اهو ڏينهن تنهنجي زندگي جو آخري ڏينهن ٿي سگھي ٿو۔ اهو چئي ٻيهر عبادت ۾ مشغول ٿينديون هيون ۽ جڏهن ننڊ جو غلبو ٿيندو هو ته بيهي گھر ۾ هلڻ شروع ڪنديون هيون ۽ گڏوگڏ پاڻ کي چونديون هيون: رابعه! اها به ڪا ننڊ آهي، هن جو ڇا لطف؟ ان کي ڇڏي ڏي ۽ قبر ۾ مزي سان وڏي عرصي جي لاءِ ستل رهجان، اڄ ته توکي گھڻي ننڊ نه آئي پر ايندڙ رات ۾ ننڊ خوب ايندي، همت ڪر ۽ پنهنجي ربّ کي راضي ڪر۔ هن طرح ڪندي ڪندي پاڻ پنجاھ (50) سال گذاري ڇڏيا جو پاڻ نه ئي ڪڏهن بستر تي آرام ڪيائون ۽ نه ئي ڪڏهن وهاڻي تي مٿو رکيائون ايستائين جو سندن وفات ٿي وئي۔

 (خوفِ خدا،ص:۹۴)

حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي هڪ ٻانهيء وصال جي هڪ سال بعد انهن کي خواب ۾ هن حال ۾ ڏٺو جو پاڻ جَنَّت جي اَعليٰ دَرَجن ۾ آهن ۽ سبز ريشم جو بهترين لباس پاتل آهي ۽ سبز ريشم جي پوتي پاتل آهي۔ ٻانهيء