Book Name:Zindgi Ka Maqsad

کي (نيڪ عملن جي ذريعي) ڪٽيو نه ته (فضوليات ۾ مشغول ڪري) اهو توهان کي ڪٽي ڇڏيندو۔ (انمول هيرے، ص۱۷،۱۶)

گو پیشِ نظر قَبْر کا پُرھَول گڑھا ہے

افسوس! مگر پھر بھی یہ غفلت نہیں جاتی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول!اسان کي گھرجي ته پنهنجي وقت جي قدر ڪريون ۽ پنهنجي زندگي جي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ ان جو بهترين استعمال ڪريون۔ وقت هڪ اهڙي شيء آهي جيڪو روڪڻ سان ناهي رڪندو۔ تنهنڪري عقل مند اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي زندگي جي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ وقت جو دُرست استعمال ڪري۔

جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته معلوم ٿيندو آهي ته اڄڪلھ هر شخص زندگي ۾ طرح طرح جا منصوبا بڻائيندو رهندو آهي يعني پلاننگ (Planning) ڪندو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جي جستجو جاري هوندي آهي۔

دل ۾ مقصد هئڻ گھرجي

مثال طور ڪو طالب علم (Student) هجي ته ان اهو سوچيو هوندو آهي ته پهريان ميٽرڪ مڪمل (Complete) ڪرڻي آهي۔ ميٽرڪ ڪليئر ڪرڻ کان پوءِ اهو طئي ڪندو آهي ته مون کي اعليٰ تعليم ۾ ڪيستائين وڃڻو آهي۔ اهڙي طرح هو هڪ سڄو منصوبو بڻائي پوءِ پنهنجي هدف ڏانهن وڌڻ جي لاءِ ڪوشش شروع ڪندو آهي۔

اهڙي طرح ڪو واپاري (Businessman) جڏهن پنهنجو بزنس شروع ڪندو آهي ته سوچيندو آهي ته اڄ هڪ دڪان آهي، مون کي اهڙي محنت ڪرڻي آهي جو مان پنهنجون ڪجھ نيون شاخون (Branches) به کولي سگھان۔ جڏهن