Book Name:Zindgi Ka Maqsad

کچھ نیکیاں کما لے جلد آخِرت بنا لے

کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زِندَگی کا

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي زندگي جو ڪجھ ڀروسو ناهي، جيئن ئي  اسان جي پساهن جي ڳڻپ مڪمل ٿيندي ملڪ الموت ايندو ۽ پوءِ گھڙي کن جي به مهلت نه ملي سگھندي۔ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه خوابِ غفلت مان بيدار ڪندي اِرشادفرمائن ٿا:

یہ سانس کی مالا اب بس ٹُوٹنے والی ہے

دل آہ! مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا

سنّت کی طرف لوگو! تم کیوں نہیں آ جاتے؟

کیوں سَرْد گناہوں کا بازار نہیں ہوتا؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿا، جڏهن زندگي بلڪه زِندَگي جي هر هر لَمحي جي قدر ڪريون۔ ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿا، جڏهن هن فاني دنيا جي ڌوڪي ۾ مبتلا نه ٿيون، ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿا، جڏهن سون ۽ جَوَاهرات کان وڌيڪ قيمتي لَمحن جي ناقَدري نه ڪريون، ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿا، جڏهن پنهنجي شب وروز کي فُضُولِيات ۽ دُنياوِي عيشن ۾ ضائع نه ڪريون، ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿا، جڏهن انهن ڪمن کي ادا ڪرڻ ۾ هرگز سُستي جو مُظَاهرو نه ڪريون، جن کي شريعت ڪرڻ جو حُڪم فرمايو آهي۔ ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿا، جڏهن شريعت جي منع ڪيل ڪمن ۾ اَگر مَگر“ ”پوءِ ته، جيئن ته کان ڪم وٺڻ جي بدران هڪ لمحي جي به تاخير نه ڪريون ۽ انهن کي ڇڏي ڏيون۔

مدني انعام نمبر 30 جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عقلمند آهي اهو شخص جيڪو شريعت تي هلي ۽