Book Name:Zindgi Ka Maqsad

آخرت جي ڪاميابي کي پنهنجو مقصد بڻائي ان جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهي۔ روزانو جي بنياد تي پنهنجو محاسبو ڪندي پاڻ کي نيڪ ڪمن تي اُڀارڻ، بُرن ڪمن تي ملامت ڪرڻ ۽ آئنده انهن کان بچڻ جو ذهن بنائڻ اهو به اهڙو طريقه آهي جيڪو زندگي جي مقصد کي ماڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اميرِ اهلسنّت باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا ابوبلال محمداِلياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي هن پُرفتن دور ۾ زندگي جي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ شريعت و طريقت جو جامع مجموعو بناممدني انعامات عطا فرمايا آهن۔ جيڪڏهن هنن انعامات تي عمل ڪيو وڃي ته يقيناً نه صرف دنيا موچاري ٿي سگھي ٿي بلڪه آخرت جون چڱايون به نصيب ٿي سگھن ٿيون۔ هر مدني انعام پنهنجي اندر دين تي عمل ۽ گناهن کان پاسو ڪرڻ جي زبردست تحريڪ رکي ٿو۔ جيئن مدني انعام نمبر 30 اسان کي هڪ تمام وڏي گناھ کان بچائي ٿو، مدني انعام اهو آهي: ڇا اڄ توهان نا مَحرم مائٽن، نامَحرم پاڙيوارين ۽ پڻ ڀاڄائي وغيره سان معاذالله بي تڪلف ٿي کلي ڪري ڳالهائڻ جو ممنوع ڪم ته نه ڪيو؟ ڇا انهن جي سامهون اچڻ کان پاسو ڪيو ۽ انهن کان شرعي پردو ڪيو؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! بي پردگي انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ رُسوا ڪندي آهي، بي پردگي جي ڪري انسان الله پاڪ جي نافرمانين ۾ وڌندو ويندو آهي، بي پردگي جي ڪري هر وقت دل و دِماغ ۾ شيطان سمايل رهندو آهي، بي پردگي جي ڪري عجيب بي سڪوني طاري رهندي آهي، بي پردگي جي ڪري نَفساني خَواهشات ۽ خيالات غالب رهندا آهن، لهٰذا پاڻ کي بي پردگي ۽ بدنگاهي جهڙن گناهن کان پري رکو ۽ پنهنجي زندگي جي مقصد کي پنهنجي اڳيان رکندي هن تي عمل جي ڪوشش ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ