Book Name:Zindgi Ka Maqsad

کان ڪيئن بچي سگھون ٿا؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته پُل صراط جي لاءِ بهترين سواري ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته حساب ڪتاب مان ڪيئن جان ڇُٽندي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان محشر جي سخت اُس مان ڪيئن بچي سگھون ٿا؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان قيامت جي گرمي کان ڪيئن محفوظ رهي سگھون ٿا؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته قيامت جي بک اُڃ مان ڪيئن بچي سگھون ٿا؟ اَلغَرَض! ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته دنيا ۾ بهترين عمل ڪري جنت جو ابدي گھر ڪيئن حاصل ڪري سگھون ٿا پر افسوس! اسان دنيا جي منصوبه سازين ۾ لڳي وياسين، دنيا ڪمائڻ ۾ زندگيون وڃائي ويٺاسين۔ مال ۽ دولت جي حرص ۾ پنهنجي مقصدِ حيات کي وساري ويٺا سون۔

          ٿورو سوچيو! ٭ ڪڏهن اسان آخرت جو نفعو ماڻڻ جي لاءِ به ڪو منصوبو بڻايو آهي؟ ٭ اسان مسجد ۾ وڌ کان وڌ وقت ڪهڙي طرح گذاري سگھون ٿا؟ ڇا هن سوچ تي به ڪڏهن عمل ڪيو آهي؟ ٭ ختمِ قرآن اسان ڪيترن ڏينهن ۾ ڪهڙي طرح سان ڪري سگھون ٿا، ڪڏهن هن تي به عمل ڪيو آهي؟ ٭ پنج نمازون ته فرض آهن ان جي علاوه تهجد، اوّابين ۽ اشراق وچاشت جي سعادت اسان کي ڪيئن حاصل ٿي سگھي ٿي ڇا ڪڏهن هن جو به سوچيو آهي؟ ٭ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نفل روزا رکندا هئا، اسان هن سعادت کي ڪيئن حاصل ڪري سگھون ٿا، ڪڏهن خيال ڪيو آهي؟ ٭ الله وارا ڪيئي ڪيئي راتيون نماز ۽ قيام ۾ گذاريندا  آهن ڪڏهن اسان کي به اها سعادت حاصل ٿي آهي؟ ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ دين جو بنيادي فريضو آهي ڇا اسان به اهو سوچيو آهي ته اسان ڪهڙي طرح نيڪي جي دعوت ۾ حصو وٺي سگھون سگھون ٿا؟ ٭ تبليغِ دين جي لاءِ وڏا وڏا سفر ڪرڻ اسلاف جو معمول هو، جيڪڏهن اسان مدني قافلي ۾ سفر کان محروم آهيون ته ان جو سبب ڇا ٿي سگھي ٿو؟ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  فرمائن ٿا: