Book Name:Zindgi Ka Maqsad

زندگي جو مقصد بڻائي حصولِ علم ۽ تبليغِ دين ۾ سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي۔ حضرت علامه ظفرالدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گھڻا نيڪ ۽ تقويٰ و پرهيز گاريءَ جا پيڪر هئا۔ حضرت علامه ظفرالدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو آخري عمر تائين اهو معمول رهيو ته فجر کان پهريان بيدار ٿيندا هئا ۽ نمازِ فجر جي تياري ڪري، سنتون پڙھي وظيفن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا، پوءِ جماعت سان نماز پڙھي مختصر وظيفا پڙھندا هئا، پوءِ صبح جي سير جي لاءِ ويندا هئا تڏهن به ذڪرِ الٰهي جاري رهندو هو۔ حضرت علامه ظفرالدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهنمازِ باجماعت جا وڏا پابند هئا، حضرت علامه ظفر الدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سنّتن جا شيدائي ۽ مستحب تائين جي پابندي ڪرڻ وارا بزرگ هئا۔

حضرت علامه ظفرالدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي علم جي فروغ ۽ درس و تدريس جو هميشه کان شوق رهيو۔ سندن جو هڪ باورچي (Cook) هو جيڪو پڙھيل لکيل نه هو، پر مولانا ظفرالدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تبليغِ علم ۽ تبليغِ دين جو اهڙو شوق رکندا هئا جو پاڻ پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي ان باورچي کي قرآنِ ڪريم جا ڪيئي سيپارا پڙھايا هئا۔ اهي عظيم بزرگ، عالم، مفتي بلڪ سوين عالمن جا استاد تقريباً 80 سال جي ڪامياب عمر گذاري 19 جماديٰ الاخريٰ 1382 هجري جو اسمِ جلالت الله الله جو ذڪر ڪندي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا۔ (ملڪ العلما،ص۶۰ تا ۷۲ ملتقطاً) الله پاڪ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي۔      اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ

گُناہوں سے ہر دَم بچا یاالٰہی!

مجلس”شعبه تعليم“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ شڪ ناهي ته الله وارن جي ذڪر سان جتي الله پاڪ جون رحمتون نصيب ٿين ٿيون، اتي انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو به جذبو نصيب ٿيندو آهي۔ يقيناً جيڪڏهن اسان الله وارن جي نقشِ قدم تي