Book Name:Zindgi Ka Maqsad

جو بيان آهي ته الله پاڪ جو قسم! مون ڪڏهن اهڙو خُوبصورت لباس نه ڏٺو جيئن حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا کي پاتل هو۔ (عيون الحڪايات، ۱/۱۶۸، ملتقطاً)

گدا بھی مُنتظر ہے خُلد میں نیکوں کی دعوت کا

خُدا دن خَیْر سے لاۓ سَخی کے گھر ضِیافَت کا

   مختصر وضاحت: جنّت جو حصول صرف سٺن عملن تي موقُوف ناهي بلڪ فضلِ الٰهي تي موقُوف آهي، ان ڪري اهو احمد رضا هن ڳالھ جو منتظر آهي ته جنّت ۾ الله پاڪ مون کي به انهن نيڪن سان گڏ خير وعافيت سان پنهنجي مهمان نوازي جو حقدار بڻائي۔

اهي مقتول ڪير آهي؟

   الله جا ولي حضرت سَيدُنا ربيع بن خُثَيم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي زندگي مقصدِ زندگي (Purpose of Life) کي ماڻڻ ۾ گذاري۔ حضرت سَيدُنا ربيع رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تابعين مان هئا، مشهور صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا خاص شاگرد هئا۔ ڪثرت سان عبادت ڪرڻ سندن معمول هو، خوفِ خدا جي ڪري سندن حالت اها هئي جو موت قبر ۽ آخرت جي علاوه ڪجھ ياد نه رهندو هو۔ سندن هڪ شاگرد جو بيان آهي: حضرت ِ سيدُناربيع بن خُثَيم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زلفون سجايل هيون (يعني زلف مبارڪ هئا)۔ شام جي وقت جڏهن گھر تشريف کڻي ويندا هئا ته اسان سندن وارن ۾ نشاني رکندا هئاسين۔ جڏهن صبح ٿيندو هو ته اها نشاني ساڳي حالت ۾ برقرار رهندي هئي۔ هن سان اسان سمجھي ويندا هئاسين ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي رات بستر تي نه ليٽيا ۽ سڄي رات عبادت ۾ گذاري آهي۔

   حضرت ِسيدُنا ربيع رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والده ماجده انهن کي (سڄي رات عبادت ۾ مشغول ڏسنديون هيون ته) فرمائينديون هيون: اي پٽ ربيع! توهان سمهو ڇو نٿا؟ عرض ڪندا هئا: اي امڙ سائڻ! جنهن تي رات ڇائنجي وڃي ۽ ان کي رات جو مرڻ جو خوف هجي ته ان کي گھرجي ته رات جو نه سمهي۔ ڪجھ دير کان پوءِ