Book Name:Zindgi Ka Maqsad

ايتريون شاخون کوليندس ته پوءِ پنهنجو ڪارخانو ۽ فيڪٽري لڳائي وٺندس، جڏهن هڪ فيڪٽري ٿي ويندي ته پوءِ ايندڙ سالن ۾ مون کي ٻه فيڪٽريون ڪرڻيون آهن، اهڙي طرح هڪ بزنس مين پنهنجو هدف بڻائيندو رهندو آهي ۽ پنهنجي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ انهن ڏانهن سفر ڪندو رهندو آهي۔

اهڙي طرح ڪجھ ماڻهو پنهنجي ٻارن ٻچن (Family) جي لاءِ به ڪجھ منصوبه سازي (Planning) ڪندا نظر ايندا آهن، ته منهنجا ٻار آهن، مون کي انهن کي ڇا بڻائڻو آهي، ڪيئن پڙهائڻو آهي، ڪيئن انهن جي تربيت ڪرڻي آهي، ڪيئن انهن جي مستقبل کي سنوارڻو آهي، ڪيئن انهن کي هڪ ڪامياب انسان بڻائڻو آهي۔ وغيره وغيره

مطلب ته! هڪ تعداد آهي جنهن ڪو نه ڪو منصوبو بڻائي رکيو هوندو آهي ته ان کي اڳتي ڇا ڇا ڪرڻو آهي۔

ياد رکو! پلاننگ (Planning) ٻه طرح جي ٿيندي آهي، هڪ اها جيڪا اسان پنهنجي زندگي، پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ بڻائي رکي آهي جنهن جو اهو نتيجو نڪري رهيو آهي جو اسان دِين کان پري ٿيندا پيا وڃون۔ جڏهن ته ٻي اها پلاننگ آهي جنهن ڏانهن دِين ۽ شريعت اسان جي رهنمائي ڪن ٿا۔ جنهن ڏانهن قرآن ۽ حديث رهنمائي ڪن ٿا ۽ جيڪا اسان کي پنهنجي بزرگن جي زندگين ۾ نظر ايندي آهي۔

الله وارن جي زندگي جو انداز

اي ڪاش ته اسان ڪڏهن اهو علم رکڻ وارا به بڻجي وڃون ته اسان جي بزرگن پنهنجون زندگيون ڪيئن گذاريون، اي ڪاش جو اسان اهو سمجھڻ وارا بڻجي وڃون ته اسان جي بزرگن پنهنجي زندگين ۾ ڪن مقصدن کي پنهنجو هدف بڻايو ۽ انهن هدفن کي ماڻڻ جي لاءِ ڪيترو زبردست منصوبو بڻايو۔ اچو! پنهنجي اسلاف جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا: