Book Name:Zindgi Ka Maqsad

آهيون ۽ ٻيا ڪهڙا عمل ڪري سگھون ٿا؟ هن تي به ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔ اسان جي بزرگن جو زندگي گذارڻ جو ڪهڙو انداز هو ۽ اسان پنهنجي زندگي ڪهڙي نموني گذاري رهيا آهيون، هن بابت به ڪجھ مدني گل اڄ جي بيان ۾ پيش ڪيا ويندا۔ دِلجمعي سان ۽ سٺين سٺين نيتن سان اوّل کان آخر بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪريو، دنيا ۽ آخرت بهتر بنائڻ جا ڪيئي مدني گل حاصل ٿيندا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عبادت ِالٰهي ۽ ان جو بدلو

حضرت سيدُنا عامر بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تابعين مان هئا، سندن زندگي جي آسائشن ۽ لذتن کي ڇڏي ڏنو هو۔ پاڻ گھڻا باحيا، تمام عيبن کان پري ۽ الله پاڪ جا ولي هئا۔ حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي معمولات مان هو ته رات قيام ۾ گذاريندا هئا ۽ ڏينهن روزي جي حالت ۾ گذاريندا هئا۔ حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو پاڻ تي روزانو هڪ هزار رڪعت (نفل) پڙھڻ لازم ڪري رکيو هئائون۔ سج اڀرڻ کان وٺي عصر تائين(مڪروهه وقت جي علاوه) مسلسل نماز ۾ مشغول رهندا هئا، جڏهن موٽندا هئا ته پير ۽ ڀيڏيون سُڄيل هونديون هيون۔ پنهنجي نفس کي چوندا هئا: اي نفس! اي بُرائي جو حڪم ڏيڻ وارا! تو کي ته صرف عبادت جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي۔ خدا جو قسم! مان توکي مسلسل عمل ۾ لڳائي رکندس ايستائين جو بستر به توکان پنهنجو حصو وصول نه ڪري سگھندو (يعني آرام نه ڪندس)۔

هڪ ڀيري حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وادي سباء ڏانهن ويا، اتي هڪ حبشي عابد (عبادت گذار) به رهندو هو جيڪو هن ويراني ۾ عبادت ڪندو رهندو هو۔ حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وادي جي هڪ ڪنڊ ۾ ۽ اهو عابد ٻي ڪنڊ ۾ مشغولِ عبادت ٿي ويا۔ چاليھ (40) ڏينهن ۽ چاليھ (40) رات تائين ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن متوجه نه ٿيا۔ جڏهن فرض نماز جو وقت ٿيندو هو ته باجماعت نماز