Book Name:Zindgi Ka Maqsad

ڏينهن جو اعلان!

   اي عاشقانِ رسول! اسان زندگي جي مقصد جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته زندگي جو جيڪو ڏينهن نصيب ٿئي ان کي غنيمت سمجھڻ گھرجي ۽ ان ۾ زندگي جي مقصدِ حقيقي کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي خبر ناهي ته ايندڙ صبح اسان کي نصيب ٿيندو يا نه؟ اسان کي خبر ناهي ته سڀاڻي ماڻهو اسان کي ”جناب“ چئي سڏين ٿا يا ”مرحوم (Late)چئي ياد ڪن ٿا۔ اڄ ڪاروباري ماڻهن جي زبان تي اها ڳالھ ٿيندي آهي جو جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي جلدي ڪريو سيزن هلي رهيو آهي۔ بازار تيز آهي ،ان ڪري جيڪو ڪمائڻو آهي ڪمائي وٺو۔ يعني اها ڳالھ دماغ ۾ هوندي آهي ته وقت تيزي سان گذري رهيو آهي ۽ وقت جي اها ئي تيز رفتاري اسان کي پنهنجي موت جي منزل ڏانهن کڻي وڃي رهي آهي۔ قرآنِ پاڪ اسان کي ٻڌائي رهيو آهي، جيئن سيپاري 30 سوره اِنشِقاق جي آيت نمبر6 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ(۶)

ترجَمو ڪنزالايمان: اي انسان بيشڪ توکي پنهنجي رب جي طرف ضرور ڊوڙڻو آهي پوءِ ان سان ملڻو آهي

منصوبه سازي پر ڇا جي لاءِ   ؟

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي منصوبه بندي، سوچ ۽ فِڪر دُنيا جي دائري ۾ محدود ٿي رهجي وئي آهي جڏهن ته ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪهڙا عمل کڻي وڃڻا آهن؟ ٭منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان کي نيڪ عملن جي ڪثرت ڪيئن ڪرڻي آهي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته آخرت کي ڪيئن بهتر بنائڻو آهي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته منڪر نڪير جي سوالن جي جوابن ۾ ڪاميابي ڪيئن ملي سگھي ٿي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته قبر ڪيئن نورٌ عليٰ نور ٿي سگھي ٿي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته جهنم جي هولناڪ عذاب