Book Name:Zindgi Ka Maqsad

جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                               بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ته! شيخِ طريقت، اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”101 مدني گل“ مان سرمو پائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا. فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: ”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي روشن ڪندو ۽ پلڪون وڌائيندو آهي“۔ (ابن ماجہ، حديث 3497 ج 4 ص 115) ٭ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 359) ٭ سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ (مِراٰةُ المناجيح ج 6 ص 180) ٭ سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي: (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرائيون (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي ۽ کاٻي ۾ ٻه، (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ وري آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو۔ (شعب الايمان ج 5 ص 218، 219) اهڙي طرح ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو۔٭تڪريم جا جيترا به ڪم آهن سڀئي اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾ سُرمو لڳايو پوءِ کاٻي اک ۾۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد