Book Name:Zindgi Ka Maqsad

   اهو به ياد رهي ته! عبادت ڪرڻ جي لاءِ ان کي سکڻ به لازم آهي۔ جيڪا عبادت لازم آهي، ان جا ضروري مسئلا سکڻ به ضروري آهن يعني اسان کي ربّ پاڪ جي عبادت ڪرڻي آهي ۽ جهڙو حڪم آهي، اهڙي ڪرڻي آهي.

وقت جي ناقدري

      افسوس! صد افسوس! اڄ حالت عجيب ٿي وئي آهي، هر پاسي گناهن جي ڀرمار آهي، مسلمانن جو هڪ تعداد آهي جيڪو فضول ڪمن ۾ مبتلا ٿي وقت جهڙي عظيم ۽ انمول نعمت کي برباد ڪندي نظر ايندو آهي۔ ٭ دنيا جي مَحَبَّت ۽ فڪرِآخِرت کان غفلت جي سبب مُسلمانن جو وڏو تعداد عِبادت واري شوق کان پري ٿيندو پيو وڃي۔ ٭ اڄ جو نوجوان قِطار ۾ لڳي مهانگو ٽڪٽ خريدي سڄي رات گناهن ڀريا ميوزڪ پروگرام ڏسڻ ٻڌڻ لاءِ تيار آهي پر نماز ادا ڪرڻ جي غرض سان ڪجھ منٽ جي لاءِ مسجد جو رُخ ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو۔ ٭ نئين ايندڙ فلم کي ڏسڻ جي لاءِ سنيما گھر ۾ يا موبائل تي ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ برباد ڪرڻ جي لاءِ ته گھڻو وقت آهي، پر دِين سکڻ جي لاءِ وقت نٿو ملي۔ ٭ ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ مختلف چينلز تي فحاشي ۽ عُرياني ڀريا نظارا ڏسڻ جي لاءِ وقت ملي ويندو آهي، پر علمِ دِين سکڻ جي لاءِ 100 فيصد اسلامي چينل ”مَدَني چينل“ ڏسڻ ۾ نفس ۽ شيطان رُڪاوٽ بڻجي ويندا آهن. ٭ ڪيئي ماڻهو اهڙا هوندا آهن روزانو سوين لائينن تي مشتمل اخبار پڙھڻ وارن کي ڪيئي ڪيئي مهينا قرآنِ ڪريم جون ڪجھ آيتون تلاوت جي سعادت ناهي ملندي، ٭ هفتي ۾ صِرف هڪ ڏينهن اهو به ڪجھ منٽن جي لاءِ مدني دوري ۾شرڪت نه ڪري نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي سعادت کان محرومي ٿي ويندي آهي. ٭ ڪمپيوٽر، موبائل فون جي ذريعي ۽ نائٽ پيڪجز (Night Pakages) تي ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ ضايع ڪرڻ واري کي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ اچڻ جي دعوت ڏني وڃي ته گھر جو ڪو ضروري ڪم ياد اچي ويندو آهي. ٭ ڏينهن ۾ سوين سوين